هميشه ٻين لاءِ دعائون ۽ خيراتون گهرندڙ احمر اڪبر ڦل کي دعائن جي ضرورت

جُون 28, 2023

لاڙڪاڻو (پنهنجي ڊيسڪ) هميشه ٻين لاءِ دعائون ۽ خيراتون گهرندڙ انسان کي دعائن جي ضرورت، سماجي ورڪر احمر اڪبر ڦل جو ڪراچي ۾ علاج جاري آهي

لاڙڪاڻي ۾ رات تيز طوفان سبب ڪرمان باغ چوڪ وٽ ٽه ماڙ عمارت مٿان لڳل پلوڙو اچي هيٺ ڪريو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جو مشهور سوشل ورڪر ۽ احمر اڪبر ڦل شديد زخمي ٿي پيو

لاڙڪاڻي ۾ علاج نه هئڻ سبب کيس رات ئي آغا خان اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي آپريشن ڪيو پيو وڃي، کيس دماغ وارا شديد زخم رسيا آهن

احمر جو لاڙڪاڻي شهر ۾ تمام گهڻو سوشل ورڪ رهيو آهي، منشيات کان ويندي نياڻين سان ڪيل زيادتين وارا ڪيس وس وارن تائين پهچائيندو رهيو آهي

سوشل ميڊيا تي دعائن جي اپيل ڪندي چيو ويو ته هميشه ٻين جي زندگي ۽ خيريت لاءِ دعائون ۽ خيراتون گهرندڙ انسان احمر اڪبر ڦل کي دعائن جي ضرورت آهي

Leave A Comment