هندو برادري جي لڏپلاڻ تي ڌاڙيل ڏکارا: امن ريلي ڪڍي ٻارڙا بازياب ڪرائڻ جو اعلان

جُولاءِ 5, 2023

ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان ھندو برادري جي لڏپلاڻ کي نظر ۾ رکندي اغوا ٿي ويل معصوم مغوي بڻيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪشمور ڪچي جي ڌاڙيلن پاران سنڌو درياهه جي بچاءُ بند کان شڪارپور ڪچي جي بچاءُ بند تائين امن پاڪستان ريلي ڪڍي ڪشمور ضلعي جي ڪچي ۾ مغوي بڻيل معصوم ٻارڙن کي ڌاڙيلن وٽان آزاد ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 ڌاڙيل راڻو شر جو ويڊيو بيان منظر عام تي اچي ويو آهي، جاري ٿيل ويڊيو ۾ ڌاڙيل راڻو شر جو چوڻ آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس جي ڪري پورو ضلعو نوگو ايريا بڻجي ويو آهي پوليس جي ناقص پاليسين ۽ ڪچي واسين سان زيادتين جي ڪري معصوم ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن

هن چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان ھندو برادري جي لڏ پلاڻ ڏسي دلي افسوس ٿيو آهي، ھندو برادري سنڌ جا اصل وارث آهن چاھيون ٿا ته ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل ننڍڙا معصوم ٻار ڌاڙيلن وٽان بازياب ٿين

سندس چوڻ هو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙن ۾ ڪنڌڪوٽ جي رسالدار واسي معصوم عظيم ميڻڪ ڪنڌڪوٽ واسي معصوم فرحان سومرو ۽ بڊاڻي واسي ھندو برادري جي مکي جگديش ڪمار ۽ معصوم جئديپ روي ڪمار ڌاڙيلن وٽ اڃا تائين قيد آهن

 ڌاڙيل راڻو شر ويڊيو بيان ۾ ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون جو ڌيان ڇڪايو آهي ته ڪشمور کان شڪارپور تائين ڪچي واري علائقن ۾ قائم پوليس چوڪين تي مقرر پوليس اهلڪارن کي ريلي متعلق ڄاڻ ڏني وڃي ته اسان جي امن پاڪستان ريلي مغوي نينگرن جي بازيابي لاءِ آهي نه ئي ڪنهن کي نقصان پهچائڻ چاھيون ٿا پوليس اهلڪار ريلي جي رستا روڪ نه ڪن

Leave A Comment