هندو برادري جي ميت ساڙڻ لاءِ مخصوص زمين تعليم کاتي کي ڪيئن الاٽ ڪئي وئي؟ آئيني عدالت

  هندو برادري جي ميت ساڙڻ لاءِ مخصوص زمين تعليم کاتي کي ڪيئن الاٽ ڪئي وئي؟ آئيني عدالت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت متروڪه وقف املاڪ کي تعليم کاتي پنجاب کي الاٽ ڪرڻ واري معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو۔ عدالت حڪم ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هن ڪيس کي نئين سر ٻڌي ۽ فيصلو جاري ڪري۔ وفاقي آئيني عدالت ۾ جسٽس حسن رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ متروڪه وقف املاڪ جي زمين تعليم کاتي پنجاب کي الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي۔ عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو ڪيس کي ٻن حڪومتن ۾ تڪرار قرار ڏيڻ وارو فيصلو ڪالعدم ڪندي اهو معاملو ٻيهر لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. جسٽس حسن رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته متروڪه وقف ملڪيت کي تعليم کاتي کي الاٽ ڪرڻ وفاقي يا صوبائي حڪومتن جو تڪرار ناهي ۽ نه ئي ٻن حڪومتن وچ ۾ ڪو تڪرار آهي۔ هن پنجاب جي وڏي وزير طرفان متروڪه وقف املاڪ تعليم کاتي کي الاٽ ڪرڻ تي سوال به اٿاريو ۽ چيو ته هندو برادري جي ميت ساڙڻ لاءِ مخصوص زمين تعليم کاتي کي ڪيئن الاٽ ڪئي وئي؟ جسٽس حسن رضوي وڌيڪ چيو ته 1989ع ۾ جيڪا زمين الاٽ ٿي هئي، ان تي هاڻي ته تعميرات به ڪئي وئي آهي۔ جسٽس حسن رضوي متروڪه وقف املاڪ کان پڇيو ته هن الاٽمينٽ تي ادارو پاڻ ڇا قدم کنيو ۽ اپيل ’سينٽرل گورنمينٽ‘ جي نالي سان ڇو داخل ڪئي وئي. عدالتي تجويز تي متروڪه املاڪ ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب رضا مندي ظاهر ڪئي، جڏهن ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کان هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت به طلب ڪئي.