| هندو شاگردياڻين واري معاملي جي جاچ شروع: ٽيم ساڪري پهتي، نياڻين جا بيان قلمبند |
ميرپور ساڪرو (رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) گرلس ھاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو جي ھندو نياڻين جو ھيڊ ماسترياڻي تي مبينا الزام وارو معامرو صوبائي وزير تعليم سنڌ سردار شاھ جي نوٽيس بعد تعليم کاتي جي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڊائريڪٽر آفيس حيدرآباد جي آفيس مان نعمان صديقي فاروق جوڻيجو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي 5 رڪني انڪوائري ڪاميٽي جي چيئرمين گل حسن اوڍو گرلس ھاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو پھچي انڪوائري شروع ڪئي هندو نياڻين کان بيان ورتا ويا، سندن وارثن ھيڊ ماسترياڻي ۽ اسڪول جي ٻين استادياڻين جا پڻ بيان رڪارڊ ڪيا ويا، ھندو شاگردياڻين وشيتا سانوڻ مھيشوري توڙي هيڊ ماسترياڻي گلناز جوکيو جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا. انڪوائري ڪندڙ ڊائريڪٽر آفيس جي نعمان صديقي فاروق جوڻيجو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي ميڊيا آڏو ڳالھائيندي چيو آهي ته انڪوائري ڪئي آهي اسان آفيس وڃي لکت ۾ ڏنل بيان پڙھي فيصلو ڪنداسين سموريون شيون ڪليئر ٿي وينديون.
الزام هيٺ آيل هيڊماسترياڻي کان چارج کسجي وئي
ميرپورساڪرو: جاچ ٽيم پاران جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هيڊماسترياڻي کان عارضي طور تي ڇڏرائي وئي آهي. تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه کي رپورٽ موڪلينداسين
اسڪولن ۾ مذهبي جنونيت هلڻ نه ڏينداسين: جاچ ٽيم
ميرپور ساڪرو: جاچ ٽيم جي عملدارن جو چوڻ هو ته نياڻيون اسڪول اچن سمورا معاملا مٿي تائين پھتل آهن ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي، اسڪولن ۾ مذهبي جنونيت ختم ڪئي ويندي، اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ گهرجن