هندو ناري شهنيلا جي اغوا جو ڪيس داخل
جُون 26, 2025
ماتلي (پنهنجي ڊيسڪ) ماتلي شھر جي نوتڪاڻي چوڪ ڀرسان پنھنجي چاچي جي گھر ۾ رھندڙ ناري شھنيلا ڌي رتن مھاراج طور اغوا جو ڪيس ماتلي ٿاڻي تي سندس چاچي جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آھي.
ڪيس ۾ ناري جي چاچي مجنون موقف اختيار ڪيو آھي ته ٻه ڏينھن اڳ فجر جي وقت ٻن ھٿياربندن مقصود درس ۽ سندس ڀاءُ منظور درس منھنجي گھر ۾ داخل ٿي سندس ڀائيٽي شھنيلا کي اغوا ڪري کڻي ويا، جوابدارن سان گڏ نامعلوم ماڻھو موجود هئا، اڇي رنگ جي ڪار ۾ ويھاري کڻي ويا آھن ۽ ناري جي وارثن جو چوڻ آھي اسان شھنيلا کي اغوا ڪندڙ جي مائٽن سان به مليا آھيون پر اسان کي نينگري واپس نٿا ڪن.
ھن جو چوڻ آھي ته شھنيلا جي عمر 14 سال آھي کيس اغوا ڪيو ويو آھي، وارثن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آھي ته سندن نياڻي کي بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، ٻئي طرف ماتلي پوليس پاران ناري جي بازيابي لاءِ ڪوشش ۾ رڌل آھي.
ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڪيلاش مڪواڻا ۽ هندو پنچائت جي اڳواڻن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته شھنيلا کي اغوا ڪندڙ جوابدار جلد گرفتار ڪري ۽ ناري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ناري جي اغوا واري معاملي تي ھنڌو پنجائت خاموش ڪونه ويھندي جيڪڏھن پوليس ناري کي بازياب نه ڪرايو ته اسان مجبور ٿي اجتجاج جو رستو اختيار ڪنداسين .