بڊاڻي (رپورٽر) بڊاڻي واسي هندو پنجائت جي مکي جڳديش ڪمار ۽ 10 ورهين جي جئديپ ڪمار جي بازيابي لاءِ شهر ۾ ڪاروبار بند رکي احتجاج ڪيو ويو
بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد مان هڪ هفتو اڳ هندو واپاري جڳديش ڪمار ۽ 10 ورهين جي نينگر جئديپ ڪمار کي اغوا ڪيو ويو هو
ٻنهي جي بازيابي لاءِ هندو برادري پاران ڪاروبار بند ڪري مرتضيٰ چوڪ کان المرتضيٰ ڪانٽي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
ريلي ۾ هندو برادري سميت شهر جي سياسي، سماجي ڌرين ۽ معصوم ٻارڙن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
اڳواڻن چيو ته پوليس مکي جڳديش ڪمار ۽ معصوم نينگر جئديپ ڪمار جي بازيابي لاءِ رڳو دلاسا ڏئي رهي آهي
اڳواڻن چيو ته ضلعي جو امن تباهه ٿي ويو آهي، هر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي
ضلعي ڪشمور مان معصوم ٻارڙن جي اغوا واقعا به روز جو معمول بڻيل آهن، هنن چيوته ضلعي مان اغوا ٿيل سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي