هندو ڀينرن ۽ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪٺ

جُون 19, 2025

ڪراچي/ شھدادپور (پنهنجي ڊيسڪ ) اغوا ڄاڻايل 3ڀينرن ۽سندن  سئوٽ نينگر جا وڊيو بيان وائرل ٿيڻ بعد هندو پنچائٽ جو ڪٺ گهرايو ويو.

 هندو برادري جي ڪٺ ۾ پوليس کي اڄ  شام تائين ٽنهي ڀينرن ۽ سندن سئوٽ  نينگر جي بازيابي جو الٽيميٽم ڏنو ويو، واقعي جو لالچند اڪراڻي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو نينگري ڊِشنا ۽ سندس سئوٽ نينگر هَني  ڪمار جي مبينا مذهب مٽائڻ واري وڊيو  وائرل ٿيڻ بعد ڌرم شالا ۾ ڪٺ ٿيو. پرمانند ۽ راجيش ڪمار جي اڳواڻي ۾  ٿيل ڪٺ ۾ ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو به شريڪ ٿيو

ڊي ايس پي تنوير شاهه موجب پوليس ڪاروائي ڪندي اغوا الزام  هيٺ آيل ڪمپيوٽر ڪلاس ڏيندڙ فرحان خاصخيلي کي گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي اغوا ڄاڻايل 3 ڀينرن ۽ نينگر جي ڪراچي ۾ هجڻ جي نشاندهي ٿي آهي، جاچ لاءِ ڪراچي وڃي رهيا آهيون

امڙ ڪملا ٻائي چيو ته استاد فرحان خاصخيلي ٽنهي ڌيئرن کي ورغلائي اغوا ڪري ويوآهي، نينگر هَني ڪمار جي امڙ پاهي چيو ته فرحان خاصخيلي پٽ کي مذهب مٽائڻ  لاءِ اُڪسائيندو رهندو هو، ايس ايس پي  سانگهڙ جو چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ٽنهي ڀينرن  ۽ نينگر جي ڳولا جاري آهي

هوڏانهن شهدادپور ۾ ٽن هندو ڇوڪرين جي گمشدگيءَ تي لالچند اڪراڻي جو نوٽيس ورتو، اقليتي معاملن بابت خاص مددگار جو آءِ جي سنڌ سان رابطو، جلد بازيابي لاءِ خاص ٽيمون جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي چيو ته سانگهڙ پوليس ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آهن، ڇوڪرين جي بازيابي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ،هن وڌيڪ چيو ته واقعو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

اقليتن جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪمزور طبقي کي نشانو بڻجڻ نه ڏنو ويندو، پيپلز پارٽي اقليتن جي هر ڏک سک ۾ ساڻ آهي، هيءُ واقعو ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪيو ويندو

 اغوا ڄاڻايل 3 ڀينرون ۽ نينگر ڪراچي مان هٿ

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ )پوليس ڪارروائي ڪندي شهدادپور مان مبينا اغوا ٿيل 3 ڇوڪريون ۽ سندن ننڍو ڀاءُ شيلٽر هائوس مان هٿ ڪري ورتو آهي، نورجهان ٿاڻي جي حد ۾ واقع شيلٽر هائوس مان کين هٿ ڪيو ويو آهي، ٽن ڀينرن سوڌو چئني ڄڻن کي سانگهڙ پوليس کڻي وئي آهي.

سانگهڙ پوليس رابطو ڪيو ته ڇوڪرين جي لوڪيشن ڪٽي پهاڙي واري علائقي مان اچي پئي،نورجهان پوليس سانگهڙ پوليس سان گڏجي لوڪيشن تي پهتي ته ڇوڪريون شيلٽر هائوس ۾ هيون، ڇوڪرين ابتدائي بيان ۾ ٻڌايو ته هو پاڻ شيلٽر هائوس پهتيون.

ڇوڪرين ٻڌايو ته هو 3 سال اڳ مسلمان ٿي چڪيون، ڇوڪرين ٻڌايو ته هنن اسلام جي باري ۾ تحقيق ڪئي ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيون، هي واقعو سانگهڙ ضلعي جو آهي.

 وڌيڪ جاچ سانگهڙ پوليس ڪري پئي، ڇوڪريون جنهن شيلٽر هائوس مان مليون، اهو شيلٽر هائوس هڪ فلاحي اداري جو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري