هند ۾ سنڌي ٻولي جو وڏو نالو ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لاڏاڻو ڪري ويو

جُولاءِ 4, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ھند ۽ سنڌ جو ناميارو اديب، عالم ۽ ٻولي ماھر ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي دھلي ۾ 90 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي تي سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ڏک جي لھر پکڙيل آھي

 ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي سنڌي ٻولي جو ماھر ۽ تمام وڏو اديب ھو، ھو ورھاڱي کان پوءِ بھ پنھنجي جنم ڀومي سان ناتو نڀائيندو رھيو، ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ اچي مختلف ڪانفرنسن ۾ شرڪت پڻ ڪئي

 ان ڏس ۾ پروفيسر اعجاز قريشي، محمد يونس مھر ، ڊاڪٽر محبوب شيخ ، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ۽ ٻين سندس لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي

سندن چوڻ آھي تھ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي ڀارت ۾ رھندي بھ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ناقابل فراموش خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌي گرامر(وياڪرڻ)، سنڌي ٻولي، ادب تي ڪتاب لکيا آھن جيڪي سنڌي  ٻولي ۽ ادب تي ريسرچ ڪندڙن لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيا

 ڊاڪٽر مرلي ڌر جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ تمام وڏو نقصان آھي، سندس وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال ڀرڻ تمام مشڪل آھي، ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون ھميشھ ياد رکيون وينديون

Leave A Comment