ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (اسٽيوٽا ) ۾ ڪامورن وچ ۾ اندروني اختلاف شروع، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر 7 ڏينهن جي موڪل تي رواني ٿيڻ بعد ايم ڊي پاران سندس موڪل رد ڪري آفيس گھرائي ورتو، ڊائريڪٽر ايچ آر به ايم ڊي جي پرائيوٽ سيڪريٽري سان اختلافن سبب موڪل تي ويل! ڪامورن جي اندروني اختلافن سبب ايم ڊي پاران پنهنجي بدلي ڪرائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي آهي
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته هنري سکيا لاءِ قائم ٿيل ادارو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان وٺي مختلف مسئلن جي ور چڙهيل آهي. جڏهن ته اسٽيوٽا ۾ ڊگھي عرصي کان ساڳين عهدن تي ويٺل ڪامورن وچ ۾ اختلافن سبب اداري جو وهنوار پڻ متاثر ٿي رهيو آهي
ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڊائريڪٽر فنانس ذوالفقار جتوئي ۽ ايم ڊي جي پرائيوٽ سيڪريٽري نعيم خٽڪ وچ ۾ اختلافن سبب ڊائريڪٽر ايچ آر موڪل تي روانو ٿي ويو هو، جنهن بعد تازو 2 ڏينهن اڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر مهوش به 7 ڏينهن جي موڪل تي رواني ٿي وئي، پر سندس موڪل شروع ٿيڻ بعد ايم ڊي پاران سندس منظور ٿيل موڪل واري درخواست رد ڪندي کيس آفيس گھرائي ورتو
ان حوالي سان سروسز کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيوٽا ۾ فنانس، ايڊمن ۽ ايچ آر وارن شعبن جي آفيسرن وچ ۾ اندروني طور تي تڪرار سبب نئين مقرر ٿيل ايم ڊي منور مٺياڻي پاران پنهنجي بدلي ڪرائڻ جون ڪوششون به شروع ڪيون ويون آهن
ان سلسلي ۾ ايم ڊي اسٽيوٽا سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هُن ڪال اٽينڊ نه ڪئي جنهن ڪري سندس موقف سامهون نه اچي سگھيو