| هنگو ۾ آپريشن، 7 خارجي مارجي ويا، ڪيپٽن شهيد |
هنگو (م ڊ) هنگو ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج ڪئپٽن شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب 7 آگسٽ تي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، جنهن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته مارجي ويلن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آپريشن دوران ڪئپٽن حمزا پنهنجن جوانن جي قيادت ڪندي خارجين جو مسلسل پيڇو ڪري رهيو هو ۽ بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.