هنگو ۾ چوڪي تي حملي جي ڪوشش، ڪي پي ۾ فورسز جا 3 آپريشن، 22 دهشتگرد مارجي ويا، 6 جوان شهيد

ڊسمبر 8, 2024

راولپنڊي/ اسلام آباد (م ڊ ) خيبر پختونخوا  ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ جي علائقي گل امام ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورسز جي اتر وزيرستان ۾ ٻي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هنگو جي تعلقي ٽل ۾ چوڪي تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 3 دهشتگردن کي ماريو ويو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 جوان نائب صوبيدار خالد بنگش، حوالدار جديد اورڪزئي، لانس نائيڪ ولايت حسين طوري، لانس نائيڪ شهيد الرحمان، سپاهي نظام الدين ۽ سپاهي صفت الله شهيد ٿي ويا. فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو. جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز خوارج دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ضلعي ٽانڪ جي علائقي گل امام ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو. شهيد ۽ زخمي سمورن اهلڪارن کي سي ايم ايڇ ٽل نيو ويو جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڪليئرنگ آپريشن جاري آهي ته جيئن دهشتگردن کي ختم ڪري سگهجي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. ٻئي طرف صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز پنهنجي الڳ الڳ جاري ڪيل بيانن ۾ ڪي پي ۾ خارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.  جڏهن ته جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو، صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته 22 دهشتگرد مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، دهشتگردن جي مڪمل ڪاميابي تائين ڪارروايون جاري رهنديون. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، شدت پسندن جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

Leave A Comment