هنڱورجا واسي صحافي جو اغوا ڊرامو نڪتو، 3 ڄڻن سوڌو سوگهو
جنوري 20, 2025
خيرپور/ سوڀوديرو (نمائندن وٽان) هڪ هفتو اڳ هنڱورجا جي صحافي جي اغوا وارو معاملو ڊرامو نڪتو، خيرپور، سکر پوليس ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس سان گڏ صحافي فياض سولنگي کي ڪشمور مان هٿ ڪري ڊرامو رچائيندڙ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ ۽ ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته صحافي فياض سولنگي کي ڪشمور جي جمال واري ڪچي مان هٿ ڪيو ويو آهي، هنن ٻڌايو ته پوليس ڪارروائي ڪري جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان سوشل ميڊيا تي وڊيو اچڻ بعد شاهه دوست نالي شخص کي گرفتار ڪيو، گرفتار جوابدار شاهه دوست جاچ دوران ٻڌايو ته صحافي فياض سولنگي اغوا نه ٿيو آهي، هن پنهنجي چاچي مظهر سولنگي جي چوڻ تي اغوا جو ڊرامو رچايو آهي، پوليس اغوا جو ڊرامو رچائيندڙ فياض سولنگي ۽ سندس اهڙي ڊرامي ۾ شامل ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن جاچ دوران ٻڌايو ته فياض سولنگي جو پنهنجي چاچن سان زمين جو معاملو هلي رهيو هو، جنهن تان هي ڊرامو ڪيو ويو، هنن چيو ته مبينا اغوا جو ڊرامو رچائيندڙن شاهه دوست، مظهر سولنگي ۽ حنيف کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪجهه جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس جا ڇاپا هڻي رهي آهي، هنن چيو ته صحافي فياض سولنگي واري معاملي جو وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ طرفان به نوٽيس ورتو ويو هو، هوڏانهن اغوا جو ڊرامو رچائيندڙ صحافي فياض سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته مان مخالفن جي پريشر ۽ سخت دٻاءَ بعد اهو ڊرامو رچايو ته جيئن آئون تڪرار هيٺ آيل زمين هٿ ڪري سگهان، هن چيو ته مان پنهنجي ڪيل حرڪت تي شرمندهه آهيان، بس مشڪري ڪري اغوا جو ڊرامو ڪيو، هوڏانهن اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچائيندڙ صحافي سميت 5 ڄڻن تي سوڀوديرو ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ اي ايس آءِ محمد ڇٽل ڀيلار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فياض سولنگي، مظهر سولنگي، شاهه دوست جعفري، حنيف سولنگي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.