هنڱورجا (رپورٽر) هنڱورجا واسي نينگر جعفر ڀٽو بازياب ٿي ويو، امڙ جون مرڪون موٽي آيون، شهر ۾ به جشن جهڙو ماحول آهي، نينگر جي بازيابي لاءِ 50 لک ڀنگ گهريو ويو هو
ھنگورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد موريل ڀٽو مان 21 مارچ تي گھر ٻاھران راند ڪندي اغوا ٿيل چار ورهين جي جعفر ڀٽو کي پوليس انتظاميه ڪچي ۾ مبينا مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي
اي ايس گمبٽ نعمان ظفرصديقي اھڙي تصديق ڪندي چيو آھي ته پوليس ٽيپاڻي بھليم ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل نينگر جعفر ڀٽو کي پوليس مقابلي ۾ بازياب ڪرايو ويو آھي
ايس ايس پي خيرپور روحل خان کوسو نينگر جعفر ڀٽو کي پاڻ سان گڏ کڻي اچي ھنگورجا ۾ وارثن حوالي ڪيو
ايس ايس پي خيرپور روحل خان کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پوليس مسلسل ڏوھارين جي خلاف ڪاروائي ڪري نينگر بازياب ڪرايو آھي
ھن ٻڌايو ته ٽيپاڻي بھليم ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ ٻار کي ٻي ھنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي ته پوليس اتان ٻار بازياب ڪرايو آھي ۽ آپريشن اڃا جاري آهي
معصوم نينگر جي بازيابي بعد ھنڱورجا شھر ۾ جشن پڻ ڪيو ويو جڏهن ته نينگر جي امڙ نوربانو ڀٽو والد صادق ڀٽو ٻڌايو ته اڄ عيد جو ڏينھن آھي، اسان کي تمام گھڻي خوشي آھي ۽ معصوم جي امڙ ۽ والد ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جا ٿورا مڃيا