هن سال 90 ملڪن جا 1300 ماڻهو شاهي مهمان طور حج ادا ڪندا

جُون 19, 2023

رياض ( م ڊ ) هن سال 90 مُلڪن سان واسطو رکندڙ 1300ماڻهن کي شاهي مهمان طور تي حج ڪرايو ويندو

پرڏيهي ميڊيا موجب، خادم الحرمين شريفين طرفان هر سال سموري دنيا جي مختلف مُلڪن جي شخصيتن کي شاهي مهمان طور حج ڪرائڻ جي روايت آهي

 هن سال به شاهه سلمان بن عبدالعزيز طرفان 1300 ماڻهن کي شاهي مهمان طور تي حج ڪرايو ويندو، جن جو تعلق دنيا جي 90 ملڪن سان آهي

 ۽ ان لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سعودي ميڊيا موجب، هن سال 1300 ماڻهو شاهي مهمان ” ضيوف خادم الحرمين الشريفين “ پروگرام جو حصو هوندا.

Leave A Comment