ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) پاڻي ماهر ادريس راجپوت چيو آهي ته هن دفعي سُپر فلڊ اچڻ جا امڪان آهن، سنڌوءَ ۾ 10 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي اچي سگهي ٿو، مون کي پاڻي وهڪرا اڃا وڌندي نظر اچي رهيا آهن
ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽائيم لائين ۾ ڳالهائيندي ادريس راجپوت چيو ته گڊو بئراج ۾ 12 لک ڪيوسڪ جي گنجائش آهي، هاڻي چون ٿا سکر بئراج به 12 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪڍي ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج مان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي جا وهڪرا گذري سگهن ٿا
هن وڌيڪ چيو ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ چار کنڊ لڳا هئا، هن دفعي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته کنڊ نه لڳن ۽ ٻڏڻ کان بچي وڃجي، منڇر ڍنڍ تي به پاڻي جو دٻاءُ وڌندو