هوا جو خراب معيار نئون وائرس وڌائي سگهي ٿو: شيري رحمان

هوا جو خراب معيار نئون وائرس وڌائي سگهي ٿو: شيري رحمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ماحولياتي تبديلي بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو. شيري رحمان چيو ته اين آءِ ايڇ طرفان چيو ويو آهي ته هڪ نئون وائرس آيو آهي، ماڻهن کي ڊيڄارڻ نٿي چاهيان پر چيو پيو وڃي ته هوا جو خراب معيار ان کي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سنڌ اي پي اي جي سيڪريٽري پاران هوا جي معيار بابت سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ اي پي اي طرفان مختلف شهرن ۾ هوا جي معيار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سنڌ جا ڪيترائي شهر هوا جي معيار جي مقرر حد کان مٿي آهن. سينيٽر شيري رحمان چيو ته سڀني شهرن لاءِ هڪجهڙا معيار اختيار ڪيا وڃن. جيڪڏهن ڪنهن هڪ شهر لاءِ مخصوص پيراميٽر آهن ته اهي سڀني شهرن تي لاڳو ٿيڻ گهرجن. سينيٽر شيري رحمان سوال ڪيو ته لارڪاڻي ۾ مٽي ۽ ڌوڙ جو سبب ڇا آهي. سنڌ اي پي اي جي نمائندي ٻڌايو ته لارڪاڻي ۾ چانورن جو فصل مٽي ۽ ڌوڙ جي امڪان جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. عمرڪوٽ ۾ سِرن جي بٺَن سبب ماحولياتي گدلاڻ وڌيڪ آهي