Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_6jkfic4fett268disir78hitu5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هوا جي غلاظت انساني پيدائش متاثر ڪري ٿي ... ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هوا جي غلاظت انساني پيدائش متاثر ڪري ٿي ... ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

هوا جي غلاظت انساني پيدائش متاثر ڪري ٿي … ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

              هوا جي غلاظت نه رڳو مردن جي تخم کي متاثر ڪري ٿي، عورتن جي حاملاٿيڻ ۾ مسئلا پيدا ڪري ٿي، وقت کان اڳ ۾ ٻار پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي ته ٻارڙا به گھٽ وزن وارا پيدا ٿين ٿا. هن وقت هوا جي غلاظت صحت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ٿي پيو آهي. سائنسدانن مطابق ان سبب هرسال 3.7 ملين ٻارڙا وقت کان اڳ ۾ پيدا ٿين ٿا (سال 2012 جي انگن اکرن مطابق) جڏهن ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر هوا جي غلاظت جو اڻ ڄمندڙ ٻارڙن تي اهڙو اثر ڇو ۽ ڪيئن ٿو پيدا ٿئي؟ يا انهن والدين تي جيڪي اولاد پيدا ڪرڻ چاهين ٿا؟ نئين کوجنائن مان انهن جي انتهائي خطرناڪ ڪارڻن جي ڄاڻ پيئي آهي.هوا جي غلاظت جا مسئلا مرد جي تخم کي متاثر ڪرڻ سان پيدا ٿيڻ شروع ٿين ٿا: هڪ اهڙو سائنسي اڀياس جيڪو “آسپاس جي هوا جي سنهيءَ دز جو انسانن جي تخم جي معيار تي پوندڙ اثر” جي سري هيٺ، چائنيز يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ ۾  ڪيو ويو ۽ ان لاءِ 6475 مردن، جن جي عمر 14 ۽ 49 سالن جي وچ ۾ هئي تن جي چڪاس ڪرڻ مان پڌرو ٿيو ته ڪو مرد جيترو وڌيڪ هوا جي غلاظت ۾ وائکو ٿيندو اوترو سندس تخمن جي بي ڊولن هجڻ ۽ ننڍڙن تخمن جي پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌندا ويندا. هن سروي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي گھڻائي تماڪ ڇڪيندڙ نه هئي ته ورلي ڪو هفتي ۾ هڪ اڌ ڀيرو الڪوهل وارو مشروب واپرائيندڙ هيو.                

             نيوزويڪ رسالي مطابق ان جو ڪارڻ، هوا جي غلاظت ۾ موجود سنهي دز ۾ ڳورا ڌاتو (جهڙوڪ ڪئڊميم جيڪو عام طور تي ڪينسر پيدا ڪري ٿو) ۽ پاليسيڪلڪ ايرومئٽڪ هيڊروڪاربان (polycyclic aromatic hydrocarbons) هجڻ آهي جن جي جانورن تي ڪيل تجربن مان ظاهر ٿيو آهي ته انهن جي تخم جي معيار تي زهريلو اثر پيدا ٿئي ٿو. اڀياس ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته، “هوائي غلاظت جي لاڳيتو ۽ گھٽ وزن ۾ وائکي ٿيڻ سان مردن جي تخم پيدا ٿيڻ تي انتهائي اهم اثر پئجي سگهي ٿو.” جنهن سبب ڪنهن به جوڙي لاءِ ٻار پيدا ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. سائنسدانن مطابق هن وقت دنيا ۾ 48.5 ملين ماڻهو اويجهه (infertility) جو شڪار آهن، تنهنڪري ان ڳالهه جي تائيد ڪن ٿا ته عالمي سطح تي هوا جي غلاظت گھٽائڻ لاءِ ڪي حڪمت عمليون تيار ڪيو وڃن ته جيئن پيدائشي صحت ۾ بهتري آڻي سگهجي.   جڏهن ته ڪنهن عورت جي حامله ٿيڻ کانپوءِ به اهو مسئلو ختم نٿو ٿئي. اهڙي هڪ ٻئي اڀياس مان جيڪو “لنڊن جي ٽرئفڪ جي هوائي غلاظت ۽ آواز جي گدلاڻ جو ٻارن تي وزن تي پوندڙ اثرن” جي سري هيٺ ٽرئفڪ جي غلاظتي دونهين جو، پيٽ ۾ واڌ ڪندڙن ٻارن تي ڪيو ويو ۽ تازو دنيا جي مشهور سائنسي رسالي، بي ايم جَي ۾ شايع ٿيو آهي تنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، لاشڪ، هوا جي غلاظت جو ٻارن جي صحت تي هاڃيڪار اثر پوي ٿو، ان سبب سندن ڄمڻ وقت وزن گھٽ هجي ٿو ۽ انهن جي وقت کان اڳ ۾ ڄمڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.

          ٻارن جي گھٽ وزن ۾ ڄمڻ پريشان ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته، ان سبب ٻار جي واڌ گھٽجي وڃي ٿي، اوسر ۾ دير ٿئي ٿي، وچڙندڙ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا، ابهمي ۽ ٻالڪپڻي واري زماني ۾ مرڻ جا امڪان پيدا ٿين ٿا  ان سبب سائنسدان چاهين ٿا ته اهڙيون ماحولياتي پاليسيون تيار ڪيون وڃن جن سان روڊن رستن جي ٽرئفڪ گھٽائي سگهجي ته جيئن شهري علائقن ۾ هوا جي غلاظت گھٽ ٿي سگهي هوند اسانجو مستقل ڀيانڪ محسوس ٿئي ٿو.ان سلسلي ۾ سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته، نه رڳو تيز رفتار موٽرگاڏيون اسانجن روڊن ۽ شاهراهن تي انسانن کي ڀيانڪ تعداد ۾ ماري ڇڏين ٿيون ته انهن جا انسانن جي صحت تي پوندڙ خطرناڪ اثرن جا ثبوت به موجود آهن جيڪي انهن جي هن دنيا ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي ماءُ جي پيٽ ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿين ٿا. تنهنڪري هاڻ وقت آهي ته، الٽر ليلوائڊ جي صلاح تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪري موٽرگاڏين تي بندش هڻڻ گهرجي، جن جو اسانجي شهرن سان ڪو واسطو ڪونهي. ان سلسلي ۾ ليلوائڊ جو چوڻ آهي ته، موٽرگاڏين تي بندش هڻڻ جا ڪيترا ذاتي فائدا به آهن. هر هفتي ٿيندڙ سائنسي اڀياسن مان اها به ڄاڻ پوي ٿي ته، توهان لاءِ پنڌ گهمڻ تمام گھڻو فائديمند آهي، روزانو پنڌ ڪرڻ سان توهان نه رڳو پنهنجي زندگي بچايو ٿا ته پنهنجي ڄمار به وڌايو ٿا بقول ماحول جي تحفظ جي ادارو. جيڪڏهن ماڻهو، هڪ ميل کان گھٽ مفاصلي لاءِ موٽرڪار بجاءِ پنڌ ڪن ته ان سان اڌ بلين ڊالرن جيتري تيل جي بچت ٿيندي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي 2 ملين ٽنن جو اخراج ٿيڻ بند ٿي ويندو ۽ اهو ڄڻ ته 400,000 جيتري انگ ۾ موٽرگاڏين جي روڊ تي نه هلڻ برابر هوندو.   

          هڪ ٻيءَ کوجنا مان اهو به ڏٺو ويو ته جيڪڏهن اميريڪا جي اليانوس، انڊيانا، مڇيگن، منيسوٽا ۽ وسڪنسن جهڙن شهري علائقن ۾ پنجن ڪلوميٽرن تائين اوٽ موٽ ڪار جي سواري ڪرڻ ڇڏي ڏجي ته نتيجي ۾، هوا جي معيار ۾ واڌاري اچڻ سبب صحت جا ايترا فائدا ٿيندا جيڪي جهڙوڪر 5 بلين اميريڪي ڊالرن جيترا هوندا. ساڳي اڀياس مان اهو به اندازو لڳايو ويو ته جيڪڏهن انهن مان اڌ تي موٽرگاڏيون گھٽائي، سائيڪلون استعمال ڪجن ته ان سان جسماني ڪسرت ٿيڻ سبب نه رڳو موت جي انگ ۾ گھٽتائي ايندي ته صحت سنڀال تي ٿيندڙ خرچ به اٽڪل 4 بلين ڊالرن جيترو گھٽ هوندو. دهشتگرديءَ جا مخالف ماهر، موٽرگاڏين لاءِ چون ٿا اهي پنڌ گهمندڙن ۽ سائيڪلن تي هلندڙن لاءِ هٿيارن جيان استعمال ٿي رهيون آهن، موٽرگاڏيون سدائين دهشت جي علامت رهيون آهن. اهي پنهنجي آسپاس جي ماڻهن جي صحت لاءِ هميشه خراب رهيون آهن ۽ اسان ان ڳالهه جي به ڇنڊڇاڻ ڪري رهيا آهيون ته اهي، منجهن سواري ڪندڙن لاءِ ڪيتريون خراب آهن. تنهنڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي ته موٽرڪارين تي بندش هڻجي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *