| هوسڙي پوليس حراست ۾ گرفتار نوجوان فوت، جسم تي ڪرنٽ ۽ ڊرل جا سوراخ، لاش رکي ڌرڻو |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ 3ڏينهن اڳ مبينا چوري واردات دوران فريادين ۽ پاڙي وارن پاران مارڪٽ ڪرڻ کانپوء نوجوان اسحاق پٺاڻ کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو۔فوت ٿي ويل 30ورهين جي اسحاق پٺاڻ جي وارثن فوتي جو لاش ايس ايس پي آفيس کانپوءِ ڪالهھ ايمبولنس ۾ کڻائي حيدرآباد ڪلب سامهون رکي ڌرڻو هنيو۔ ان موقعي تي مبينا پوليس حراست ۾ فوت ٿي ويل نوجوان اسحاق پٺاڻ جي وارثن فوتي جي ڀاءُ محمد يوسف، ايڊووڪيٽ محمد حسين پٺاڻ، رحيم شاهه۔ اقبال پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته راجپوت برادري جي گهران مبينا چوري واقعي کانپوء راجپوت برادري جي ماڻهن سندن نوجوان اسحاق کي سوگهو ڪري حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو جتي پوليس اسان جي نوجوان اسحاق پٺاڻ کي بجلي جا ڪرنٽ ڏئي ۽ ڊرل مشين جا سوراخ ڪري قتل ڪرڻ کانپوء لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ۽ اسان کي ٻڌائڻ کانسواء اسان جي غيرموجودگي ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي بعد ۾ اسان کي لاش ڏيڻ لاء گهرايو ويو جيڪاپوليس جي کليل پوليس گردي آهي۔ هنن چيو ته اسان جي نوجوان جوڪوڏوھ هو ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها ٿاڻي ۾ حراست دوران وحشياڻو تشدد ۽ قتل انسانيت جي خلاف آهي۔ هنن چيو ته هوسڙي پوليس اسان جي نوجوان کي ٿاڻي ۾ قتل ڪرڻ کانپوء سول اسپتال کڻي وئي ۽ پنهنجي مرضي موجب لاش جوپوسٽ مارٽم ڪرايو آهي۔هنن چيو ته نوجوان جي پوري جسم تي زخمن ۽ تشدد جا واضع نشان آهن جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اسان جي نوجوان کي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو۔ هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي