هوشيار، خبردار: سنڌ سميت ملڪ ۾ ايندڙ 3 ڏينهن گرمي وڌندي

مَي 20, 2023

ڪراچي(نمائندن وٽان) موسميات کاتي عوام کي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ايندڙ 3 ڏينهن گرمي جي شدت ۾ واڌ ايندي

موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب ڪراچي ۾ گرمي پد 43 سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو جڏهن ته حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ سامونڊي علائقن ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي

لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ۾ سڀ کان وڌيڪ 45 سينٽي گريڊ گرمي پد رهندو جڏهن ته روهڙي، جيڪب آباد، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ گرمي پد 38 کان 43 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف اڄ صبح کان ئي ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ اچي وئي جنهن سبب عوام کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيئڻو پئجي ويو، ڇنڇر ڏهاري موڪل هجڻ سبب روڊ رستا پڻ ويران نظر اچي رهيا هئا

حيدرآباد ۾ پڻ سخت گرمي رهي ماڻهن گهرن تائين محدود رهڻ کي اهميت ڏني ٻئي طرف بجلي جي اکٻوٽ جاري رهڻ سبب گرمي سٽيل عوام سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيو هو

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمي جي شدت کان بچڻ لاءِ ٿڌين شين جو استعمال وڌايو وڃي، گوشت ۽ تريل شين کائڻ کان پاسو ڪيو وڃي جڏهن ته ٻاهر نڪرڻ وقت مٿي تي ڪپڙو ويڙهڻ گهرجي

Leave A Comment