هوشيار: نئون ڪوٽ قلعي جي چوطرف 12ڪئميرائون لڳي ويون

هوشيار: نئون ڪوٽ قلعي جي چوطرف 12ڪئميرائون لڳي ويون

نئون ڪوٽ (ن پ ا) فحش وڊيو وائرل ٿيڻ بعد نئون ڪوٽ قلعي ۾ ڪئمرائون لڳي ويون، گذريل ڏينهن ڊي جي آرڪيالاجي فتح شيخ نئون ڪوٽ قلعي تي پهچي ڪيمرائون لڳرايون، هن ٻڌايو ته صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ جي سخت هدايت بعد اسان پھرين مرحلي ۾ قلعي اندر مختلف جڳهن تي 12 عدد سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون آهن، قلعي تي حيدرآباد ۽ ڪراچي آفيس مان به نظر رکي ويندي، هن چيو ته ڪجهھ ڏينھن بعد قلعي اندر مختلف هنڌن تي بورڊ پڻ لڳايا ويندا جنهن تي لکيو ويندو ته ڪيمرا جي اک اوهان کي ڏسي رهي آهي، جيئن ماڻهو ان قسم جي حرڪت کان پاسو ڪن.