| هوٽل ۾ انوکي ”مهمان“ جي آمد، مسافرن جون ڪيهون |
هراري(انٽريسٽنگ نيوز) زمبابوي ۾ هڪ هوٽل جي بورچیخاني ۾ هڪ واڳون داخل ٿيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هي واقعو مشهور آبشار وڪٽوريا فالز ويجهو هڪ هوٽل ۾ پيش آيو، جتي 12 فوٽ ڊگهي واڳون جي موجودگي سڀني کي حيران ۽ خوفزده ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب وائرل وڊيوز ۾ مانگرمڇ کي هوٽل جي استقباليه، بورچیخاني ۽ لاؤنج ۾ گھمندي ڏسي سگهجي ٿو. ويڊيو ۾ اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته ڳرو مانگرمڇ هوٽل جي ڪچن ڪائونٽر تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هوٽل جي عملي فوري طور تي مهمانن جي حفاظت کي يقيني بڻايو ۽ زمبابوي پارڪس ۽ وائلڊ لائف مئنيجمينٽ اٿارٽي کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ جهنگلي جيوت جي عملدارن مانگرمڇ کي بچايو ۽ ان کي هوٽل کان پري محفوظ هنڌ منتقل ڪيو. هي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي صارفين حيرانگي جو اظهار ڪري رهيا آهن.