هيءَ جيڪا ملتان سان محبت آهي (3)

                 ملتان ۽ ملتانين جي ذڪر سان اصل ۾ مان پنهنجي پاڻ جي ڳولا ڪريان ٿو. سادن لفظن ۾ چئجي ته، “پنهنجي پاڻ کان وڇڙيل ماڻهو پنهنجي ڳولا ۾ آهي”. ڇو؟ ان جو به بلڪل سادو سبب آهي ـ اهو ته مان پنهنجي جنم شهر کان ساڍن اَٺن، نَوَن سالن جي عمر ۾ وڇڙيو هوس، ۽ اڄ 67 سالن جي پوري ٿيڻ کان صرف 56 ڏينهن جي وٿيءَ تي آهيان. حساب ڪتاب جا دفتر کليل آهن، نفعو ۽ نقصان سڀ لکيل آهي. ان نفعي نقصان جو نئين سر جائزو وٺڻ، اصل ۾ پاڻ سان ملاقات جي هڪ ڪوشش آهي. ڪيتري حد تائين ڪاميابي ملندي، اهو چوڻ اڃا مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته، “ڪهاڻي ته اڃا هاڻ شروع ٿي آهي”. منهنجي ڪهاڻي ڇا آهي؟ حقيقت ۽ سڃاڻپ ڇا آهي؟ اهي بظاهر ننڍڙا سوال آهن، پر انهن سوالن کي به هڪ سوال جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، ۽ اهو آهي ته ‘انت’ ڇا ٿيندو؟ بهرحال، اهو ‘انت’ اڃا ڪيتري مسافريءَ تي آهي، ان بابت مان سوچيندو رهندو آهيان.

                 گذريل ڪجهه سالن کان زندگي 90، 95 سيڪڙو گهر جي چئوديواريءَ تائين محدود ٿي وئي آهي. گهر- پوءِ اهو به ڀلي ڪِرائي جو ئي هجي ـ آخر گهر ئي ته آهي. صبح جو اٿان ٿو، لائبريري ۾ اچي ويهندو آهيان، چانهه، نيرن، اخبارون، ڪن ڪتابن جا ڪجهه صفحا پڙهڻ، سوشل ميڊيا تي هلڪي ڦلڪي ڪچهري ڪرڻ، ۽ ايڊيٽوريل لکڻ يا ڪالم نويسي جي مزدوري- ماني ته کائڻي آهي، زنده رهڻو آهي، سو مزدوري آخري پساهه تائين واجب آهي. اسين موسىؑ جي امت وانگر لاڏلا ته نه آهيون، جو من و سلويٰ موڪليندو!… خير، ڇڏيون ٿا انهن ڳرين ڳالهين کي، اچو ته ٻيون ڳالهيون ڪريون.

ملتان کان وڇڙئي لڳ ڀڳ ساڍا 58 سال ٿيا آهن. ان وچ ۾ ٻه ڀيرا ڪجهه سال پنهنجي جنم شهر ۾ گذاريم، پر وري وڇڙڻو پيو. نه ڄاڻان، مون ملتانيءَ کي ملتان ڇو راس نٿو اچي؟ سچ پڇو ته منهنجي دل ٿي چاهي هر نئين صبح اک ملتان ۾ کلي، ڏينهن رات به اُتي ئي گذرن. پر هيءَ رزق سان ٻڌل مشقت ۽ هجرتون ـ انهن جو ڇا ڪجي؟ هونئن به سڀ خواهشون ڪٿي ٿيون پوريون ٿين! پر دل ته دل آهي نه! اها چاهي ٿي ته صبح جي نيرن ڊولي روٽي (ملتاني سوغات) ۽ مڱن جي دال سان ٿئي، منجهند ۾ تباخي/نانوائي جي ٻوڙ سان ماني هجي، ۽ شام جو مٺي يا چڻن پٽاٽن سان سانجهاندو اڏائجي.

واهه، ڇا زمانا هئا! جڏهن فٽ پاٿ تي صبح دال مُڱ وڪڻندڙن وٽ هڪ ٻه پڙڇ يا فراسيون وڇايل هونديون هيون. خوني برج وٽ مامو مودي دال مُڱن وارو ته فراسين سان گڏ ڪاٺ جون صندليون به رکي ڇڏيندو هو، جيڪي ماڻهو فراسين تي پلٿي هڻي ويهي نه سگهندا هئا، سي صندليءَ تي ويهندا هئا.مامي مودي جي دال مُڱ جي خوني برج چوڪ سان لڳ اڌ درجن پاڙن ۾ هاڪ هوندي هئي. گذريل صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾، جڏهن آبادي جو ڦهلاءُ گهٽ هو، تڏهن بنا ڪنهن وڌاءَ جي اهو چئجي ته صبح جي وقت هن وٽ ٻن ٽن قطارن ۾ ماڻهو بيٺل هوندا هئا. عورتون ۽ مرد پنهنجن گهرن مان ٿانوَ کڻي ايندا هئا (ملتاني ۾ چوندا آهن: “اپنڑیں تھاں گھروں گھن کے آندے ہن”) جڏهن ته ٻار، جن کي هڪ آني جي دال مُڱ وٺڻي هوندي هئي، سي پپر جي پن کي ڪٽوريءَ جي شڪل ڏئي اُن ۾ دال مُڱ وٺندا هئا. مامي موديءَ جا هٿ ته مشين جيان هلندا هئا. اُن جي هڪ مشهور ڊِش “توا مڇي جو پِيس” هوندو هو. اها سياري جي سوغات سمجهي ويندي هئي. ٻن آنن ۾ تئي/توي تي تيار ڪيل مڇيءَ جو ننڍڙو ٽڪرو ۽ هڪ آني جي دال مُڱ ملندي هئي. ڪجهه وقت پوءِ “توا مڇيءَ” جو اهو ٽڪرو چئن آنا جو ٿي ويو. خوني برج چوڪ جي پنهنجي تاريخي اهميت آهي. اڄڪلهه ته هتي مڇي وڪڻندڙن جون هڪ ٻئي پٺيان دڪانن جون قطارون لڳل آهن. چوڪ کان شروع ٿيندڙ فوڊ اسٽريٽ جو وڏو حصو ٽي بي اسپتال روڊ تي آهي، ۽ ان جو ٻيو حصو ‘ڪيڙي جمندان’ ڏانهن ويندڙ رستي تي واقع آهي. اچو ته واپس گذريل صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ هلون.

چاچا يارو کير ۽ ڌونئري وارو، صبح سوير دڪانداري شروع ڪندو هو ـ وٽس تازو کير، ڌونئرو ۽ لسي ملندي هئي. منجهند کان پوءِ فالودو ۽ سياري ۾ گهر ۾ تيار ڪيل سوهن حلوو به ملندو هو، گڏوگڏ چانهه به، جيڪا ٺڪر جي رنگين ۽ پختن پيالن ۾ پيش ڪئي ويندي هئي. حاجي يار محمد سندس اصل نالو هو، پر ٻار، جوان ۽ پوڙها سڀ کيس ‘چاچا يارو’ چوندا هئا.

چاچا ياروءَ جي دڪان سان منهنجون گهڻيون سارون جڙيل آهن. گهر وارا مون کي ٻين ڀائرن وانگر فجر مهل نماز پڙهڻ لاءِ مسجد موڪليندا هئا، پر مان سڌو چاچا ياروءَ جي دڪان تي پهچي ويندو هوس، جتي مون کي کيس اخبار جون سرخيون پڙهي ٻڌائڻيون هونديون هيون. جيڪا سرخي چاچا ياروءَ کي پسند ايندي هئي، تنهن جي خبر به پڙهي ٻڌائيندو هوس. گرمين ۾ مون کي هڪ ننڍو پيالو ڌونئري جو ۽ سياري ۾ ٻه ٽڪيون سوهن حلوو ۽ اڌ پيالو چانهه اخبار پڙهي ٻڌائڻ جي عيوض ملندي هئي. گهر وارا سمجهندا هئا ته مان نماز پڙهڻ ويو آهيان، پر حقيقت ۾ مان چاچا ياروءَ کي اخبار ٻڌائي رهيو هوندو هئس. پوءِ هڪ ڏينهن اهو پول پڌرو ٿي ويو، جنهن ڪري بابا سائينءَ مون تي تمام گهڻو تشدد ڪيو ـ ۽ اهو ئي تشدد گهران ڀڄڻ جو سبب بڻيو.

خوني برج چوڪ تي چاچا باري مٺائيءَ وارو هوندو هو، جنهن جو حلوو، پُوريون ۽ مٺايون تمام مشهور هيون. نمڪين، مٺين ۽ سادين پُورين سان گڏ دال واري پُوري ۽ قتلمه (لاهوري ڊش) حلوو ۽ چڻا ـ هي صبح جو ناشتو هوندو هو. روڊ جي ٻئي پاسي چاچا رمضان فٽ پاٿ تي پٽاٽن، بِيهن وارا چڻا ۽ سادا چانور وڪڻندو هو. سندس ڀرسان هڪ بزرگ چاڏيءَ/ماٽيءَ جي لسي ۽ مکڻ وڪڻندو هو، افسوس جو اُن جو نالو ذهن مان نڪري ويو آهي.

صبح جي روايتي ملتاني نيرن جي حوالي سان، انهن ڏينهن ۾ خوني برج کان سواءِ پاڪ دروازو، حرم دروازو، بوهڙ دروازو ۽ چوڪ گهنٽا گهر به مشهور هئا. گهنٽا گهر چوڪ ۾، جتي ڪنهن وقت مدينه هوٽل، نيشنل بينڪ ۽ ڪيفي شاهد هڪ قطار ۾ هوندا هئا، نيشنل بينڪ جي ٻاهران صبح پنجين وڳي ملتاني ناشتي جو دڪان کُلندو هو، جيڪو ساڍي اَٺين وڳي تائين بند ٿي ويندو هو، پوءِ ملازم صفائي ڪندا هئا.

يادون بنا ڪنهن دستڪ جي لهي رهيون آهن. اسان جو اباڻو علائقو، جيڪو تعلقي ڪبيروالا ۾ آهي (هاڻي اهو تعلقو ضلعي خانيوال ۾ اچي ٿو)، اتي ماما پٽواري (تپيدار) جڏهن ملتان پيشِي لاءِ ايندو هو، ته ڪورٽ وڃڻ کان اڳ اسان جي گهر ضرور نازل ٿيندو هو. سندن ناشتو هوندو هو ـ ڌونئرو، اڦراٺا، آملِيٽ، لسي ۽ چانهه. نيرن ڪري جڏهن ماما پٽواري رخصت ٿيندو هو ته هر ڀيري چوندو هو: “بی بی سید زادی نوں اکھیائے پٹواری بھرا ڈوپہراں دا ٹُکر آن تے کھاسی”( (بي بي سيد زاديءَ کي چئو ته تپيدار ڀاءُ مانجهاندي جو ٽڪر اچي کائيندو). هڪ ڏينهن، جڏهن هو ٻنپهرن جي مانيءَ لاءِ اهو پيغام ڏئي چڪو، ته مون کين چيو: “ماما پٹواری ڈوپہریں اساں گھر نی ہوونڑاں؟” هن پڇيو؛

هن پڇيو: “ڪيڏانهن ويندا؟” مون بيزاريءَ مان جواب ڏنو: “وڏي خالا (ماسيءَ) جي گهر، ڊبڪرن جي وستيءَ ۾.” (اها ‘ڊبڪرن جي وستي’ هاڻي ‘همايون محلو’ سڏجي ٿي).

ماما پٽواري اُن ڏينهن ڪورٽ مان واندو ٿي، وڏي بي بي – يعني منهنجي وڏي خالا (وڏي ماسي) جي گهر پهتا. جيڪو دال ساڳ ٺهيل هو، سو کائي ورتائون، پر کين سواد ڪونه آيو. ويندي ويندي منهنجي شڪايت ڪري ويا ته مون ٻڌايو هو ته اڄ اسين وڏي خالا جي گهر وينداسين. اها شڪايت جڏهن امڙ سائنڻ تائين پهتي ته مون کي گهڻا دڙڪا مليا.

ڪالم جي دامن ۾ هاڻي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي، ملتان ۽ ماضي جون وڌيڪ ڳالهيون پوءِ سهي. البت، هلندي هلندي اسان جي ملتاني مهربان، اعليٰ خطاط ۽ شاعر محمد مختار علي جو هيءُ شعر پيش آهي:

یہ جو ملتان سے محبت ہے

اپنی پہچان سے محبت ہے

(هلندڙ)