هيءَ جيڪا مُلتان سان محبت آهي … (6)

                 ملتان ۽ ملتاني ماڻهن سان جڙيل يادن جو سلسلو تحرير جي صورت ۾ جاري آهي. گذريل ڪالم بابت هڪ پيغام موصول ٿيو ته ملتان جي پورهيت اڳواڻن جي ذڪر ۾ ڪجهه شخصيتن جو ذڪر نه آيو، مثال طور: مزدور اڳواڻ ملڪ رياض ۽ اختر غني جي خدمتن جو احاطو ضروري آهي. سو اڳتي وڌڻ کان اڳ اها وضاحت ڪري ڇڏيان ته مان ملتان سان پنهنجو لاڳاپو، شهر ۽ شهر وارن سان جڙيل يادون لکي رهيو آهيان، ملتان جي تاريخ نه پيو لکان. يادن جي زنبيَل ۾ جيڪو ڪجھ محفوظ آهي، اهو يقيناً ملتان جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو حصو آهي، پر مڪمل تاريخ نه. سادن لفظن ۾، جيڪو لکجي رهيو آهي، اها آتم ڪٿا آهي، اکين ڏٺو آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪنهن واقعي جو حصو رهڻ جي صورت ۾ لکجي رهيو آهي. مثال طور، لالا سيد زمان جعفري جي گهر ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو ورڪرز ڪنوينشن ۽ مشاورتي اجلاس ٿيو. زمان جعفري جي دعوت تي خالد گوپانگ ۽ مان ڪراچيءَ کان آيا هئاسين. خالد مهمانن لاءِ بُڪ ڪرايل هوٽل ۾ ٽِڪيو ۽ مان پنهنجي بلوچ لالا، عمر علي خان بلوچ، جي رائيٽرز ڪالوني واري مٿين ڪوٺڙيءَ ۾ ترسيس. ساڳي طرح جڏهن محمد حنيف رامي طرفان پاڪستان مساوات پارٽي لاءِ ملتان ۾ ٿيندڙ ورڪرز ڪنوينشن کان اڳ منعقد ٿيندڙ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت جو دعوت نامو مليو، ته اها شرڪت به ذاتي لاڳاپي جي بنياد تي هئي. ڇو ته بيرسٽر تاج محمد لنگاهه ۽ لالا سيد زمان جعفري جو حڪم مڃڻ واجب هو. اسان جهڙن ماڻهن سڄي زندگي دوستن جي حڪمن اڳيان سيس نوائيندي گذاري آهي.

هڪ دفعو ٻيهر عرض آهي ته هي سلسلو ملتان ۽ ملتانين جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۽ ذاتي لاڳاپن تي ٻڌل منهنجين يادگيرين کي لکت ۾ آڻڻ جو عمل آهي. هن ۾ ڪا به پسند يا ناپسند شامل ناهي. جيڪي بزرگ ۽ دوست، حيات يا مرحوم، انهن واقعن جو حصو رهيا آهن، صرف اُنهن جو ئي ذڪر ٿيندو. آئون پياري ڀاءَ محمد عامر حسيني جو ٿورائتو آهيان، جنهن هيستائين تائين لکيل قسطن مان ڪجھ قسطن کي پنهنجي تحريرِي نوٽ سان گڏ شيئر ڪيو آهي، ۽ ٻه قسطون ته هن الڳ نموني تفصيلي نموني لکي شيئر ڪيون. ان عمل هن طالبِ علم کي وڌيڪ لکڻ جي ترغيب ڏني. پياري ڀاءَ شاڪر حسين شاڪر به ٽيليفون تي حڪم صادر ٿيو: “شاهه جي، هي سلسلو ٻين سلسلن وانگر وچ ۾ ڇڏي نون ميدانن ڏانهن نه وڃجو، پر ان کي مڪمل ڪرڻو آهي”. اِهي ساڳيا حڪم ڪجهه ٻين ملتاني دوستن جا به آهن. زندگي ۽ صحت ساٿ ڏنو ته، دوستن جا حڪم ضرور مڃبا.

هاڻي اڳتي وڌون ٿا. جيستائين صحت معمول موجب رهي ۽ کيسي اجازت ڏني، ملتان ۽ وسيب مان ايندڙ هڪ سڏ تي، جتي به هئاسين، بيگ کنيو ۽ منهن وسيب شريف ڏانهن ڪري روانا ٿي وياسين. دل اڄ به هر سڏ تي لبيڪ چوڻ لاءِ اڌما کائي ٿي، پر مسئلا آهن، ۽ انهن مان نوي سيڪڙو صحت جا مسئلا آهن. ان جي باوجود، جڏهن به حالتون اجازت ڏين ٿيون، ملتان ۾ ڪجهه ڏينهن ضرور گذاري وٺندو آهيان.

ڪجهه گهرداريءَ جون ذميواريون ۽ مسئلا نه هجن ته بنا ڪنهن پل جي دير ڪرڻ جي، سامان کڻان ۽ جنم شهر ۾ رهي جيئڻ جي حسرت پوري ڪريان. دل چاهي ٿي ته مان هجان ۽ ملتان هجي ــ مزدوري مان بچيل وقت ۾ شهر ۾ گهمان وڙڪان، دوستن سان ملان، ڀينرن جي قدم بوسي ڪريان، امڙ سائنڻ، بابا سائين ۽ ٻين پيارن جي تربتن تي حاضري ڏيان. پر ڪڏهن ايئن ٿيو آهي جو دل جون سڀ ڳالهيون ترتيب سان پوريون ٿين؟

ڪجهه دوست ۽ عزيز چون ٿا: “شاهه جي! ڌيءَ آمريڪا ۾ پڙهي ٿي ۽ نوڪري ڪري ٿي. هاڻي ٻه سر (زال مڙس) آهيو، سو لاهور کان بهتر آهي ته ملتان ۾ اچي رهو”. هوڏانهن وري گهرواري، هڪ ٻن يا ڪجهه ڏينهن جي وقفي سان اُردوءَ ۾ ڪلاس وٺندي چوندي آهي: “حيدر جاويد! توهان جا دوست ملڻ اچي ويندا آهن يا توهان کي دوستن جي ڪنهن محفل ۾ وٺي ويندا آهن. گهر ۾ هوندا آهيو ته لائبريري ۾ ويٺل هوندا آهيو. منهنجو ڪير آهي هتي؟ مان ته ڌيءَ جي تعليم ۽ توهان جي نوڪري سبب لاهور آئي هئس. ڌيءَ آمريڪا هلي وئي، توهان ڪم گهر مان ئي ڪري موڪليندا آهيو. سو واپس شيخُوپوره هلون”. سندن ڳالهه ڪافي حد تائين صحيح آهي، پر مان حيلن، بهانن ۽ واعدن تي ڳالهه ٽاري ڇڏيندو آهيان. لاهور ۾ رهڻ جا ڪجهه نه ڪجهه فائدا ته آهن ئي. ٻَڌي قلم مزدوري کان سواءِ ٻيو ڪجھ ڪم به ملي وڃي ٿو، زندگي ٿوري آسان ٿي وڃي ٿي. زندگي کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين آسان رکڻ لاءِ لکين جتن ڪرڻا پون ٿا. هي مسئلا رڳو اسان جا ئي ناهن، پر اسان جي چوڌاريءَ جيئندڙ وسندڙ ماڻهن جا به ساڳيا ئي مسئلا آهن، سڀني سان ساڳي حالت آهي. اسين ڪنهن الڳ گرهه جي مخلوق ته ناهيون جو ڪجهه مختلف هجي.

معاف ڪجو، ملتان ۽ ملتانين جون ڳالهيون ڪندي ڪندي ڳالهه ٻئي پاسي نڪري وئي. ملتان دنيا جهان جو هڪ عام شهر آهي، پر اسان لاءِ ملتان ئي ڪُل جهان آهي. ملتان کي هر وقت ياد ڪندو آهيان ــ وساريان به ڇو؟ تعارف جو سڀ کان مستند حوالو ئي اهو آهي. رزق سان سلهاڙيل هجرتن اسان کي شهر شهر ته نه سهي، پر ڪجهه شهر ضرور ڏيکاريا آهن. ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ راولپنڊي- ڪجهه ورهين لاءِ جنم شهر ملتان ۾ رهيس، ۽ 2015ع کان ٻيهر لاهور ۾ پيو رهان. وچ ۾ ڇهه ست مهينا ملتان کي به ٿاڪ بڻايو هئم، جڏهن اسان جي دوستن اخبار “بدلتا زمانہ” ملتان جي اشاعت شروع ڪئي هئي. هاڻي ڪيترن ورهين کان گهر تائين محدود آهيان؛ ڪتاب پڙهندو آهيان، روزي روٽي لاءِ قلم مزدوري ڪندو آهيان، سوشل ميڊيا تي به ڪجهه وقت گذاري وٺندو آهيان. پر انهن سڀني لمحن ۾ ملتان دل ۽ دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ آرامي هوندو آهي. جيئن ئي ٿوري فراغت ملي ٿي، ملتان ڪر موڙي سجاڳ ٿي پوندو آهي ۽ يادن جي برسات شروع ٿي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ملتان جي برکا رُت يادن جي وچ ۾ اوچتو بزرگ ڀاءُ، شهيد سيد محسن نقويءَ جو هي شعر دستڪ ڏيڻ لڳي ٿو:

محسن اپنی موت کا ماتم کیا ہوگا

بین کرے گی رات اور اُداسی رو لے گی

چڱو، هاڻي ماحول کي خوشگوار بڻائيندي، ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪريون. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا عرض ڪري چڪو آهيان ته ڊگهي عرصي تائين، جڏهن به ملتان ايندو هئس، ته عمر علي خان بلوچ جي رائيٽرز ڪالوني واري مٿئين ڪوٺڙيءَ ۾ رهندو هئس. عمر علي خان بلوچ کي مان محبت ۽ احترام سان هميشه “بلوچ لالا” ڪري سڏيندو هئس. پهريائين هو منهنجي وڏي ڀاءَ جو دوست هو، پوءِ منهنجو دوست بڻجي ويو. منهنجي بابا سائينءَ سان به سندن چڱي لڳندي هئي. پيارو نيازي، عمر علي خان بلوچ ۽ حڪيم محمود خان غوري- منهنجا اهي ٽي دوست ۽ پيارا هئا، جن جي ڪا به ڳالهه ڪنهن به حالت ۾ ڪڏهن ڪونه ٽاريم. اهو ئي سبب هو جو جڏهن بابا سائين سعودي عرب واري نوڪري مان موڪلن تي ملتان ايندا هئا ته کين اسان بابت تازيون خبرون انهن ٽنهي دوستن کان ئي ملنديون هيون. ڪڏهن کين اسان کان ڪا شڪايت هوندي، جيڪا هميشه رهندي ئي هئي، ته هو واري واري سان انهن ٽنهي دوستن سان ملندا ۽ شڪايتن جا دفتر کوليندا هئا. کين پورو ويساهه هوندو هو ته انهن جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ، جيئن ئي اهي ٽي دوست اسان تائين پهچندا، فوراً ئي اسان جو ‘ڪلاس’ وٺندا. ۽ سندن اهو ويساهه ڪڏهن به ڪونه ٽُٽو.

عمر علي خان بلوچ جي دوستن ۽ سنگتين جو حلقو تمام وسيع هو. هو دوستيون نڀائڻ جي فن ۾ به يڪتا هئو. البته ڪجهه دوست اهڙا هئا، جن سان سندن ذاتي ۽ سماجي تعلق آخري دم تائين قائم رهيو. هو تنظيم سازي (نت نيون تنظيمون ٺاهڻ) ۾ پڻ يڪتا هو. هو سرائيڪي اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سرائيڪي ادبي تحريڪ ۽ ٻين ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو باني هو. پهرين تنظيم “سرائيڪي اسٽوڊنٽس فيڊريشن” هئي. ڪجهه عرصو عملي سياست ۾ به رهيو ۽ نيپ جي جاءِ تي ٺهندڙ اين ڊي پي جو حصو به بڻيو. اڳتي هلي عمر علي خان بلوچ، راشد حيدر سيال ۽ مون گڏجي “سرائيڪي نيشنل پارٽي” ٺاهي. هن جماعت جو منشور اسان جي هڪ ٻئي قوم پرست دوست، نامور صحافي ۽ دانشور ارشاد احمد امين لکيو هو. اها ڳالهه 1986ع جي آهي.

ڪجهه عرصي بعد ڪجهه ٻيا دوست، جن جي اڳواڻي عبدالمجيد ڪانجو ڪري رهيو هو، ان ئي نالي سان پارٽي ٺاهي ڇڏي، جنهن سبب ڪجهه تلخي پيدا ٿي. ان مرحلي تي عمر علي خان بلوچ ۽ ارشاد احمد امين مداخلت ڪئي. انهن جو چوڻ هو: “يار، توهان ماڻهن کي ڪهڙي ڪُل وقتي سياست ڪرڻي آهي ۽ ڪهڙو وسيب ۾ رهڻو آهي؟ اسان صحافت ڪري رهيا آهيون، اهو ئي رزق جو ذريعو آهي”. ان ڳالهه تي ڪانجو صاحب مرحوم ۽ اسان جي دوستن ۾ پيدا ٿيل تلخي ختم ٿي وئي. ڪانجو صاحب انتهائي وضعدار ۽ ترقي پسند خيالن واري شخصيت هو.

 (جاري آهي)