ممبئي(شوبز نيوز) فلم ”ڌُرنڌَر“ ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪندڙ اڪشي کنابابت ٻڌايو پيو وڃي ته کيس پاڻ پڏائڻ بلڪل پسند نه آهي. فلم ڌرندر جو هيرو ته رنوير سنگهه آهي، پر فلم ۾ سندس ڪردار کان وڌيڪ فلم جي وِلن ”رحمان ڊڪيٽ“ يعني اڪشي کنا هر پاسي ڇانيل آهي. نه رڳو عربي گيت تي اڪشي کنا جي رقص جا سوشل ميڊيا تي چرچا آهن، پر سندس هڪ ڊائيلاگ ”رحمان ڊڪيٽ ڪي دي هوئي موت بهت قصائي نما هوتي هي“ به هر زبان تي آهي. اڪشي کنا جو ڪيس دلچسپ انڪري به آهي ته هو پاڻ پڏائڻ تي يقين نٿو رکي ۽ ميڊيا جي جهرمٽ ۽ انٽرويوز کان پري رهڻ پسند ڪري ٿو. هڪ دفعي فلمساز ڪرن جوهر چيو هو ته ”جيڪڏهن موڪل واري ڏينهن اڪشي کنا کي آسڪر ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ٿيندو ته هو اِهو چئي انڪار ڪري ڇڏيندو ته هو موڪل واري ڏينهن گهر کان ٻاهر نه نڪرندو.“ پر جڏهن به هو اداڪار طور اسڪرين تي ايندو آهي ته پنهنجي ساٿي فنڪارن کي به مات ڏئي ڇڏيندو آهي.
اڪشي ماٺيڻي مزاج وارو ماڻهو آهي، ڌرنڌر جي مشهوري مهم دوران به اڪشي گهٽ نظر آيو، پر فلم رليز کانپوءِ جتي ڪٿي هو ئي ڇانيل آهي. اٽڪل 28 ورهيه اڳ ونود کنا پنهنجي پٽ کي فلم ”هماليا پُتر“ ذريعي فلم انڊسٽريءَ ۾ متعارف ڪرايو هو، ۽ ان وقت ڪنهن به نه سوچيو هو ته اڪشي انڊسٽري ۾ هڪ انوکي اداڪار طور سامهون ايندو. جيتوڻيڪ مُک اداڪار طور اڪشي کي اُها سڃاڻپ نه ملي، ”بارڊر“ هن جي شروعاتي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي فلم هئي، پر ان ۾ هو اڪيلو اداڪار ڪونه هو.