هيري ٺڪر جي گهرواري دادي پوجا ۽ ليکڪا تارا ميرچنداڻي لاڏاڻو ڪري ويون

نومبر 8, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جي برک ليکڪ ۽ اسڪالر هيري ٺڪر جي پتني دادي پوجا ۽ سنڌي ٻولي جي نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ حيدرآباد سنڌ ڄائي ليکڪا تارا ميرچنداڻي ديهانت ڪري ويون

 سنڌي ٻولي جي برک ليکڪ هيري ٺڪر جي گهرواري ڪيتري ئي عرصي تائين آل انڊيا ريڊيو تان سنڌي ۾ خبرون به پڙهندي رهي

 ٻئي طرف نامور ڪھاڻيڪار، ناول نگار تارا ميرچنداڻي 1930ع ڌاري سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو ۽ ورهاڱي وقت پنهنجي پريوار سان ڀارت لڏي وئي هئي

 هن پنهنجي زندگي جا آخري پساھ 93 ورھين جي ڄمار ۾ ڀارت جي شهر الھ آباد ۾ پنهنجي ڌي جي گهر ۾ پورا ڪيا، هو حيدرآباد جي جاڙي شھر پوني ۾ رهائش پذير هئي

تارا ميرچنداڻي 1949ع ۾ ڪومايل ڪلي (ناول)، 1958ع ۾ اوشا (ناول)، 1965ع ۾ آئينو ۽ عڪس (ڪھاڻيون)، 1986ع ۾ الجھليل تندون ريشم جون (ڪھاڻيون)، 1992ع ۾ لھرن جي گونج (ناول)، 1996ع ۾ وساريان نه وسرن (ڪھاڻيون)، 1998ع ۾ سورج جي پھرين ڪرڻ (ناول) ۽ 1990ع ۾ ھٺ يوڳي (ناول جاٻه ڀاڱا) جهڙا شهڪار ڪتاب لکيا

سندس لکيل يوگي ناول کي حيدرآباد ۾ ڪويتا پبليڪشن  پاران به ڇاپيو ويو، تارا ميرچنداڻي ۽ هيري ٺڪر جي پتني دادي پوجا جي ديهانت تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويو ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي

 ٻنهي علمي ۽ ادبي شخصيتن جي پرلوڪ پڌارڻ تي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي

سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي برک ليکڪ ۽ اسڪالر ھيري ٺڪر جي پتني دادي پوڄا جي ديھانت تي دادا ھيري ٺڪر سان پرچاڻي جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي موقعي تي ھيري ٺڪر سان سنڌ جا اديب به سندس ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھن

Leave A Comment