| هيري پوٽر جي نئين ٽي وي سيريز “هيري پوٽر اينڊ دي فلاسفرز اسٽون” جو ٽريلر جاري |
لنڊن (ڪلچرل ڊيسڪ) هيري پوٽر جي نئين ٽي وي سيريز ‘هيري پوٽر اينڊ دي فلاسفرز اسٽون’ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، نئين ڪاسٽ سان گڏ اها فلم ڪرسمس تي رليز ڪئي وئي، وارنر برادرز ڊسڪوري نئين هيري پوٽر سيريز جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو آهي، اها سيريز “جي.ڪي. رولنگ“ جي مشهور سيريز تي ٻڌل آهي. ايڇ بي او جي هيري پوٽر ٽي وي سيريز ريبوٽ جي اصل ‘گولڊن ٽريو’، هيري پوٽر، هرميون گرينجر ۽ رون ويسلي جي جاءِ تي نوان اداڪار شامل ڪيا ويندا. سيريز جو عنوان ‘هيري پوٽر اينڊ دي فلاسفرز اسٽون’ آمريڪا کان ٻاهر پهرين فلم جي نالي سان مطابقت رکي ٿو. اهو اعلان ‘ايڇ بي او ميڪس يو ڪي’ لانچنگ تقريب دوران ڪيو ويو. ٽريلر ۾ جادوئي دنيا جي مکيه ڪردارن جون جھلڪيون ڏيکاريون ويون، جن ۾ هيري پوٽر، آنٽي پيٽونيا، رون ويسلي، ڊراڪو مالفوئي، سيورس سنيپ، اولي وينڊر، پروفيسر ميڪ گونگل ۽ روبيئس هيگرڊ شامل آهن، ٽريلر هيري جي ڏکي زندگي سان شروع ٿئي ٿو، کيس اسڪول ۾ تنگ ڪيو ويندو آهي، اوچتو کيس هاگوارٽس اسڪول آف وِچ ڪرافٽ اينڊ وزرڊري ۾ داخلا جو خط ملي ٿو، جيڪو سندس زندگي بدلائي ٿو. ڪهاڻي موجب، ‘هيري پوٽر ظاهري طور تي ڪو خاص ٻار ناهي 11 هين سالگرهه تي مليل خط کيس هڪ نئين دنيا، دوستي، جادو ۽ ايڊونچر جي دنيا ڏانهن وٺي وڃي ٿو. پر هن نئين زندگي سان هن کي هڪ خطرناڪ دشمن کي به منهن ڏيڻو پوندو. هن سيريز ۾ هيري پوٽر جو ڪردار اسڪاٽش اداڪار ڊومينڪ ميڪ لافلن ادا ڪندو، جنهن هيري جي مخصوص يونيفارم ۽ سندس ڳچيءَ تي نشان سان پهرين نظر ۾ مداحن کي متوجه ڪيو آهي. سيريز جي ٻي ڪاسٽ ۾ اليسٽيئر اسٽوٽ (رون)، اربيلا اسٽينٽن (هرميون)، جان لٿگو (ڊمبلڊور)، جينٽ ميڪ ٽير (ميڪ گوناگل)، پاپا اسيدرو (سنيپ) ۽ نڪ فراسٽ (هيگرڊ) شامل آهن. نئين سيريز هيري پوٽر جي ڪهاڻي کي ٻيهر بيان ڪندي ڪجهه نقادن انهي کي فلم سيريز کان گهٽ متاثر ڪندڙ قرار ڏنو آهي.