هيري پوٽر فلم جي ٽي وي سيريز جي روپ ۾ واپسي: ڪاسٽ پڻ تبديل

هيري پوٽر فلم جي ٽي وي سيريز جي روپ ۾ واپسي: ڪاسٽ پڻ تبديل

لنڊن (ڪلچرل ڊيسڪ) مشهور هيري پوٽر فلم جي ٽي وي سيريز جي صورت ۾ نئين ڪاسٽ سان جادوئي دنيا ۾ واپسي ٿيڻ واري آهي. ايڇ بي او جي هيري پوٽر ٽي وي سيريز ريبوٽ 2027 ۾ رليز ٿيندي، جنهن ۾ فلم سيريز جي اصل ڪردارن ‘گولڊن ٽريو’ يعني هيري پوٽر، هرميون گرينجر ۽ رون ويسلي سان نون اداڪارن کي تبديل ڪيو ويو آهي.’ انهي سيريز بابت 12 اپريل 2023 تي وارنر برادرز بابت اشارو ڏنو هو. اها سيريز نئين تصور بجاءِ اصل ڪتابن تي ٻڌل هوندي، هر سيزن هڪ ڪتاب مان هڪ ڪهاڻي تي مشتمل هوندي. ايڇ بي او جو چوڻ آهي ته سيريز هڪ ڏهاڪي تائين هلندي  وارنر برادرز ڊسڪوري جي سي اي او ڊيوڊ زاسلاو تصديق ڪئي آهي ته سيريز جي ڪاسٽ مڪمل طور تي نئين هوندي،  اها جي ڪي رولنگ جي اصل هيري پوٽر ڪتابن تي ٻڌل هوندي. سيريز تي 14 جولاءِ 2025 کان ڪم شروع ٿيو، سيريز 2027 ۾ شروع ٿيڻ جي اميد آهي. سيريز ۾ هيري پوٽر جو ڪردار اسڪاٽش اداڪار ڊومينڪ ميڪ لافلن ادا ڪندو، جنهن هيري جي مخصوص وردي ۽ ڳچيءَ تي نشان سان مداحن جو ڌيان ڇڪايو آهي.