| هينري اوول ۾ 11 وڪيٽون وٺي وارن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو |
لنڊن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ميٽ هنري شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي اوول ٽيسٽ ۾ ميچ دوران 11 وڪيٽون حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي. هنري 2005 جي ايشز سيريز ۾ آسٽريليا جي عظيم ليگ اسپنر شين وارن کانپوءِ اوول ۾ هڪ ٽيسٽ ميچ ۾ 10 وڪٽون وٺندڙ پهريون بالر بڻجي ويو آهي. ان کان علاوه هو 1994 ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڊيوان ميلڪم کانپوءِ اوول ۾ 10 وڪيٽن جو ڪارنامو انجام ڏيندڙ پهريون فاسٽ بالر به آهي. ميٽ هنري جي هاڻوڪي فارم غير معمولي رهي آهي. هن پنهنجي گذريل 12 ٽيسٽ ميچن ۾ 77 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، جيڪا جديد دور جي بهترين فاسٽ بالرن ۾ شمار ٿيندڙ ڊيل اسٽين جي سونهري دور جي ويجهي ترين ڪارڪردگي آهي. ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين 2008-09 دوران تقريبن ايترن ئي ٽيسٽ ميچن ۾ 80 کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.