| هيڊ ماستر ڀرتي ڪيس: اميدوارن جا نالا شايع نه ڪرڻ جو حڪم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان هيڊ ماسٽرز ڀرتي ڪيس ۾ آئيني عدالت ڪامياب اميدوارن جا نالا شايع ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. وفاقي آئيني عدالت ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ بلوچستان ۾ هيڊ ماسٽر جي آسامين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت بلوچستان حڪومت ۽ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت حڪم ڏنو ته بلوچستان ۾ هيڊ ماسٽرز جي ڀرتي بابت ڪامياب اميدوارن جا نالا ٻي حڪم تائين شايع نه ڪيا وڃن. درخواست گذار فهيم خان طرفان وڪيل امان الله عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواست گذار تعليم کاتي ۾ هيڊ ماسٽر جي آسامين تي اعتراض اٿاريندي موقف اختيار ڪيو ته بي ايڊ جي شرط کي نظرانداز ڪري نااهل اميدوارن کي امتحان ۾ ويهاريو ويو. درخواست گذار بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن تي ڊسمبر 2024 واري پنهنجي اشتهار جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي.