هيڪرن سائبر ڪرائيم قانون جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا:ڊيٽا وڪرو ڪرڻ لاءِ گروپ قائم

آگسٽ 6, 2023

ٽنڊو ڄام( رپورٽ مبين مگسي )هيڪرن سوشل ميڊيا تي سائبير ڪرائيم قانون جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، محظوظ ڊيٽا وڪرو ڪرڻ لاءِ مخلتف گروپس قائم ڪيا ويا

پنهنجي اخبار ڊجيٽل جي سروي موجب سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ هيڪرس موبائلز فونز ۾ استعمال ٿيندڙ سمون،ڪالز جو رڪارڊ توڙي شناختي ڪارڊ پيسن عيوض ڪڍي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

سروي موجب هاڻ اوهان جي فونز ڪالز جو رڪارڊ توڙي شناختي ڪارڊ غيرمحفوظ بڻجي ويا آهن،جيڪي سستي اگھه تي وڪري لاءِ سوشل ميڊيا تي گروپ ۾ اوهان کي آساني سان ملي ويندا

هيڪرن 5 سئو کان هزار تائين گهر ويٺي ڪنهن جي به ڪالز جي ڊيٽا توڙي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي گروپ جوڙي ڇڏياآهن

شناختي ڪارڊ جي رنگين ڪاپي 600 روپيه،ڪال رڪارڊ ڪنهن به نمبر جو 1000 رپين ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو، نمبر ڪنهن جي نالي تي رجسٽريشن ٿيل آهي صرف 250 رپين ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو

سوشل ميڊيا تي قائم ڪيل اهي گروپ ماڻهن جي ڊيٽا هيڪ ڪري وڪرو ڪن ٿا انڪري ڪنهن به موبائل صارف جو رڪارڊ محفوظ نه رهيو آهي

واضع رهي ته ڪنهن جي به فون ڪال جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اختيار آهي

وڪرو ٿيندڙ ڊيٽا آخر ڪيئن ٿو آئوٽ ٿئي؟

گهٽ پيسن تي وڪرو ٿيندڙ رڪارڊ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان ايف آئي اي سائبر ڪرائيم ونگ اک نه پٽي آهي

مليل ڄاڻ موجب فون ڪالز جو رڪارڊ رڳو ڏوهاري سرگرمين ۽ شڪي ماڻهن جو حاصل ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ايترو جلدي ڪالز جو رڪارڊ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به نٿو ملي جيترو جلد مختلف گروپن ۾ وڪرو ڪندڙ نامعلوم ماڻهو پيسن ۾ ڪڍي ڏين ٿا

Leave A Comment