| هيڪ پاران 16 سالن جي خرچن جي رپورٽ جمع نه ڪرائڻ جو انڪشاف: پي اي سي پاران 6 مهينا مهلت |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس شاهده اختر علي جي صدارت هيٺ منقعد ٿيو. اجلاس ۾ هاير ايجوڪيشن ڪميشن متعلق سال 14-13-11-2010 جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته هاير ايجوڪيشن ڪميشن پاران 16 سال اڪائونٽس جي سالياني اسٽيٽمينٽس جمع نه ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪميٽي هيڪ کي اڪائونٽس جي سالياني اسٽيٽمينٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڇهن مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي. آڊٽ اختيارين مطابق سال 2002 کان 2018 تائين ڪا به مالي اسٽيٽمينٽ موجود ناهي. سينيٽر بلال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن 2018 کان شروع ڪنداسين ته اوپننگ بيلنس ڪٿان ايندو. جيڪڏهن ڪٿي توهان کي شڪ آهي ته ان ۾ وقت به لڳندو. هيڪ اختيارين موقف اختيار ڪيو ته اسان پنهنجو رڪارڊ به چيڪ ڪريون ٿا. اسان جو فوڪس 2018 کان پوءِ تي رهيو آهي. سينيٽر بلال مندوخيل چيو ته توهان ڪيتري عرصي ۾ اسٽيٽمينٽ تيار ڪرائي وٺندا. هيڪ اختيارين چيو ته هڪ سال ۾ تيار ٿي ويندي. آڊٽ اختيارين چيو ته جيڪڏهن سٺو ڪنسلٽنٽ هاير ڪيو وڃي ته منهنجي خيال ۾ ڇهه مهينا لڳندا. سينيٽر بلال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ڪم ڪرڻو آهي ته ايندڙ هفتي کان شروع ڪريو، وقت ضايع نه ڪريو. آڊٽ اختيارين چيو ته هي 2002 کان شروع ڪيو وڃي. آڊٽ ۾ هيڪ جي ميڊيم ٽرم ڊولپمينٽ فريم ورڪ تحت مقرر ڪيل ٽارگيٽ حاصل نه ڪرڻ تي اعتراض واريو. آڊٽ اختيارين مطابق 2003 ۾ هيڪ ٽارگيٽ مقرر ڪيا هئا، جيڪي حاصل نه ٿي سگهيا. هيڪ اختيارين موقف اختيار ڪيو ته ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي وئي، هن وقت ٽارگيٽ حاصل ٿي چڪا آهن. شروعاتي سالن ۾ ڪجهه چئلينجز رهيا. شاهده اختر علي چيو ته اڪثر ٻار اسان وٽ ايندا آهن ته پي ايڇ ڊي ۾ داخلا نه پئي ملي. هيڪ اختيارين مطابق ٻاهرين ملڪن ۾ ليڪچرر به پي ايڇ ڊي کان سواءِ ناهي ٿيندو، فيس ايتري وڌي وئي آهي جو آمريڪا ۾ هڪ شاگرد تي لڳ ڀڳ چا، چار ڪروڙ رپيا اچي رهيا آهن. اسان کي جيترو وڌيڪ فنڊ ملندو، ايترا وڌيڪ ماڻهو موڪليا ويندا.