هي ئي وڌي وڻ ٿيندو: چيف جسٽس بنديال ۽ جسٽس فائز گڏجي ٻوٽو لڳايو

جُون 2, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ۽ سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گڏجي ٻوٽو لڳايو

سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گڏجي ٻوٽو لڳائي رهيا آهن

ان  موقعي تي صحافي چون ٿا ته هي ٻوٽو ئي وڌي وڻ ٿيندو جنهن دوران جسٽس فائز ۽ چيف جسٽس به ٽهڪ ڏين ٿا

چيف جسٽس چيو ته هن ٻوٽي تي نظر رکندا ان کانپوءِ چيف جسٽس بنديال ۽ جسٽس فائز هڪ ٻيو ٻوٽو به لڳايو

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ