هي سمجهن ٿا ٻار آهي، دهشتگردي کان ڍڄي ويندو، اسان جو ڪنڌ ڪَٽجي ته سگهي ٿو پر دهشتگردن آڏو جهڪي نٿو سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

فيبروري 1, 2024

خضدار(پنهنجي ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي سمجهن ٿا ٻار آهي، دهشتگردي کان دڄي ويندو، اسان جو ڪنڌ ڪَٽجي ته سگهي ٿو پر دهشتگردن آڏو جهڪي نٿو سگهي

 خضدار ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي تشدد جي سياست نه ڪرڻ جي اپيل ڪريان ٿو، بندوق جي زور تي مسئلا حل نٿا ڪري سگهون، واعدو آهي ته سمورن مسئلن جو حل ڪڍنداسين

هن چيو ته گُم ٿيل ماڻهن جو به مسئلو به حل ڪيو ويندو، ڪجهه قوتون عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ڪري رهيون آهن، جيئن اندر سازش ٿي رهي آهي

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ٻاهر به سازش ٿي رهي آهي، اسان ٽن ملڪن سان وڙهي رهيا آهيون، اُنهن سان ڪاروبار نٿا ڪري سگهون، چين اسان جو دوست آهي، پر ان کي به پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment