اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) آڊيو ليڪس ڪميشن جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٽوئيٽر ۽ هيڪرز بابت به سوال ڪيا جنهن جا اٽارني جنرل جواب ڏنا
جسٽس فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کان سوال ڪندي چيو ته هي ٽوئيٽر ڇا آهي؟ خبر ته پوي آڊيو جاري ڪير رهيو آهي؟ اصلي به آهن يا نه؟ ٿي سگهي ٿو جن ماڻهن جون آڊيوز آهن انهن پاڻ ئي جاري ڪيون هجن؟ ٿي سگهي ٿو ته عبدالقيوم صديقي پنهنجي آڊيو جاري ڪئي هجي؟ جاچ ٿيندي ته سموري خبر پئجي ويندي
جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته آئون ته ٽوئيٽر استعمال ئي ناهيان ڪندو هي بليڪ هيڪر ۽ ٽوئيٽر هينڊل ڇا ٿيندو آهي؟
اٽارني جنرل ٻڌايو ته ٽوئيٽر هڪ سافٽ ويئر آهي ٽوئيٽر ايپ، هينڊل جو مطلب آءِ ڊي آهي جنهن جو استعمال ڪيو ويندو آهي
اٽارني جنرل چيو ته هيڪر جي مون کي خبر ناهي شايد ميڊيا وارن مان ڪو ئي ڄاڻندو هجي