هي ڪهڙو ڪيس آهي، جنهن ۾ ڪنهن ناهي هارايو، سڀ خوش آهن: جسٽس فائر

نومبر 2, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس دوران خوشگوار موڊ ۾ رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ڪهڙو ڪيس آهي جنهن ۾ ڪنهن به ناهي هارايو، سڀ تمام گهڻو خوش آهن، وڪيل ته وڌيڪ خوش آهن ڪنهن کي ته هارڻو پوي ها

 جسٽس فائز وڌيڪ چيو ته اٽارني جنرل صاحب ڇا توهان فيصلي مان خوش آهيو؟ جنهن تي هن چيو ته مان ته تمام گهڻو خوش آهيان

 چيف جسٽس چيو ته عابد زبيري صاحب ناراض لڳي رهيو آهي، ان کي به پرچايو، عدالت صرف مسئلي جو حل چاهي ٿي.  ٽيڪنيڪي معاملن ۾ اُلجهڻ نٿا چاهيون

Leave A Comment