خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) ناري تعلقي جي فقير آباد جي رهواسي شاگرد جو ڪوچ ۾ موت، وارثن ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد جي انتظاميا کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
ڇهين جماعت جو شاگرد عبدالصمد مهر ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد کان ڳوٺ ايندي بيماري سبب گهوٽڪي ڀرسان مسافر ڪوچ ۾ فوت ٿي ويو هو
ناري تعلقي جي فقيرآباد علائقي سان تعلق رکندڙ شاگرد جي والد رهاڻ خان مهر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته مون پنهنجي پٽ عبدالصمد مهر کي ڇهين درجي ۾ ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد ۾ داخل ڪرايو هو جيڪو گذريل ٻن هفتن کان تمام گهڻو بيمار هو پر ان باوجود اسڪول انتظاميا طرفان علاج لاءِ ڪنهن به اسپتال ۾ داخل نه ڪرايو ويو نه ئي وري اسان سان رابطو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي
هن چيو ته پٽ کي تيز بخار هو، انتظاميا پاران رابطو نه ڪرائڻ تي هن ڪنهن ٻئي هنڌان اسان سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجي بيماري بابت ٻڌايو، مون اسڪول انتظاميا سان رابطو ڪري پٽ جي موڪل منظور ڪرائي جنهن بعد هو اسلام آباد کان مسافر ڪوچ ۾ سوار ٿي ڳوٺ اچي رهيو هو ته گهوٽڪي ڀرسان ڪوچ ۾ ئي فوت ٿي ويو
رهاڻ خان مهر چيو ته پٽ جي وفات تي شديد صدمو رسيو آهي، هن الزام مڙهيو ته ڄاڻايل اسڪول ۾ ٻين شاگردن سان به وڏو ظلم آهي، کين تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، خوراڪ به غير معياري ڏني پئي وڃي ۽ سهولتن جي اڻهوند آهي
هن چيو ته منهنجي نوجوان پٽ جي موت جي ذميوار اسڪول انتظاميا آهي، هن اپيل ڪندي چيو ته اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جا والدين پنهنجي اولاد سان ٿيندڙ زيادتين تي آواز اٿارن، ٻي صورت ۾ مون جيان پٽ لاءِ ڏٺل سندن خواب صرف خواب ئي رهجي ويندا، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي