هٽمين روهت شرما ون ڊي ۾ به سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر

هٽمين روهت شرما ون ڊي ۾ به سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر

دبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي بيٽسمين روهت شرما 352 ڇڪا هڻي اڳوڻي پاڪستاني بيٽسمين شاهد آفريدي جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 351 ڇڪن جو پراڻو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ڏکڻ آفريڪا خلاف جاري ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾، روهت شرما اوپنر طور 57 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 3 ڇڪا شامل هئا. 3 ڇڪن سان، روهت شرما جي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ ڇڪن جو تعداد 352 تائين پهچي ويو جيڪي هن 269 اننگز ۾ هنيا آهن. هن کان اڳ، هي رڪارڊ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي وٽ هو، جنهن 369 اننگز ۾ 351 ڇڪا هنيا. ٽئين نمبر تي ويسٽ انڊيز جو ڪرس گيل آهي، جنهن 294 اننگز ۾ 331 ڇڪا هنيا. روهت شرما ٽنهي فارميٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ون ڊي، ٽيسٽ ۽ ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ روهت شرما ڪُل 645 ڇڪا هڻي چڪو آهي. روهت شرما کان پوءِ، ڪرس گيل هن لسٽ ۾ شامل آهي، جنهن 553 ڇڪا هنيا آهن. شاهد آفريدي 476 ڇڪن سان ٽئين نمبر تي آهي.