| هٽڙي ويجھو گندي پاڻيءَ جي کڏ مان عورت جو لاش هٿ |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ھٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ گندي پاڻي جي کڏ مان عورت جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي. ڳوٺ اسماعيل چنڊ ۾ 50 ورھين جي اڻڄاتل عورت جو پاڻي جي کڏ مان لاش مليو اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي عورت جي منهن تي تشدد جا واضح نشان آھن ، کيس قتل ڪري لاش اڇلايو ويو آھي عورت جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي ، واقعي جي ھر رخ کان جاچ ڪيون پيا