| “هٿرادو مهانگائي نامنظور” مختلف شهرن ۾ احتجاج، پيٽرول جا اگهه وڌائڻ وارو فيصلو عوام دشمن قرار |
لاڙڪاڻو/سکر/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن، پورهيتن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري پيٽرول جا اگهه وڌائڻ وارو فيصلو عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو،لاڙڪاڻو شهر جي اسٽيشن روڊ تي قائم ٽيڪسي اسٽيڊ جي ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڊرائيور اڳواڻ هادي بخش جتوئي،محمد سفر، گلاب علي ۽ مظهر علي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اقتدار ۾ اچڻ وقت عوام کي رليف ڏيڻ جا دعوائون ڪيون هيون، پر عملي طور تي عوام کي ڪو به رليف نه مليو آهي. هنن چيو ته عالمي حالتن، خاص ڪري آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تڪرارن جي ڪري تيل جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي، جنهن جو سڌو اثر پاڪستان جي غريب عوام تي پيو آهي. هنن چيو ته تيل ۽ڊيزل مهانگو ٿيڻ سبب سندن روزگار سخت متاثر ٿيو آهي، جنهن ڪري روز مرہ استعمال ٿيندڙ شيون به مهانگيون ٿي ويون آهن،باڊهه ۾ تيل جي اگھن ۾ واڌ خلاف سماجي تنظيم پاران ريلي ڪڍي ٽائون هال آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن سارنگ امر، قربان علي پنھور ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽائي وڃي، سکر جي واپارين پيٽرول جي اگهن کي رد ڪري ڇڏيو. سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ، حاجي غلام شبير ڀٽو، محمد عامر فاروقي، حاجي عبدالقادر شيواڻي، حافظ محمد شريف ڏاڏا، بابو فاروقي، مختيار شامي، محمد منير ميمن، جاويد کوسو، محبوب صديقي، عبدالباري انصاري، جاويد بنڌاڻي، محمد منير ڀٽي، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن کي عوامي مسئلن ۽ تڪليفن جو ڪو به احساس ناهي، حڪومتي ناقص پاليسين سبب صنعت ۽ واپار مڪمل طور مفلوج ٿي ويا آهن، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هن واڌ سان نه صرف مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، پر صنعت ۽ واپار به تباهه ٿي ويندي،پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ کي فوري طور واپس ورتي وڃي، جيڪب آباد جي شهرين ۽ سماجي تنظيمن جو به سخت احتجاج، حڪومتي فيصلو رد ڪيو ويو، سياسي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر اي جي انصاري، نديم قريشي، مقبول لاشاري، علامه مقصود ڊومڪي، جان اوڍاڻو، تاج محمود امروٽي، نور محمد منجھو، ۽ ٻين چيو ته حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام تي “پيٽرول بم” ڪيرائي ڇڏيو آهي، اڳ ئي خوراڪ جون شيون مھانگيون آهن هاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل جي واڌ سان ٽرانسپورٽ ڀاڙا ۽ ٻين ضرورتن جون قيمتون وڌيڪ وڌنديون جنهن جو سڌو بار غريب طبقي تي پوندو، هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن قيمتون واپس نه ورتيون ويون ته عوام احتجاجي تحريڪ شروع ڪندو، وڳڻ شهر جي رهواسين وفاقي حڪومت پاران پئٽرول جي قيمتن ۾ تازي واڌ واري فيصلي کي سختي سان رد ڪندي ان کي فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي. شهرين ڪامريڊ غلام حسين مغيري، الطاف وڳڻ، ساجد بلوچ، سليم چانڊيو، گلاب وڳڻ ۽ ٻين چيو ته جيڪڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ نه ڪيون ويون ته عوام روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪندو.