| هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي فلمي صنعت لاءِ خطرو قرار |
نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) فلم ۽ ٽي وي جي دنيا هڪ وڏي ٽيڪنالاجي تبديلي جي ويجهو آهي، جتي هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (آرٽيفيشل انٽيليجنس) خاص طور تي وڊيو ٽولز جهڙوڪ ”اوپن اي آءِ“ جو ”سورا“ هالي ووڊ جي روايتي پروڊڪشن ماڊل کي بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ماهرن موجب، هي اي آءِ ٽولز نه رڳو فلمسازي جي طريقيڪار پر پوري شوبز انڊسٽريءَ جي ڍانچي کي متاثر ڪري سگهن ٿا. تحقيق موجب موجودا اي آءِ ٽولز ذريعي جعلي ۽ ورغلائيندڙ وڊيوز ٺاهڻ سولو ٿي ويو آهي، جنهن کي ماهرن ”صنعتي سطح تي غلط ڄاڻ جي تياري“ قرار ڏنو آهي. ان کانسواءِ ڊيپ فيڪ ۽ سڃاڻپ چورائڻ جهڙا اخلاقي مسئلا به ڳڻتي جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن. اقتصادي طور تي به هيءَ ٽيڪنالاجي وڏو اثر وجهي سگهي ٿي، جتي هڪ روايتي هالي ووڊ فلم ۾ 300 کان 500 ماڻهن تي ٻڌل عملو ڪم ڪري ٿو، اتي اي آءِ جي ذريعي اهو انگ 50 کان به گهٽجي ويندو. ٽيڪنالاجي جي عام ٿيڻ فلمي عملي، اداڪارن ۽ يونينز ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي، ماهرن جو خيال آهي ته تبديلي تخليقي صلاحيت ختم نه ڪندي پر طريقو بدلائي سگهي ٿي. ماهرن موجب، مستقبل ۾ هدايتڪار ۽ سينماٽوگرافر جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿيندو، ڇو ته اهي ئي انساني خيال ۽ اي آءِ وچ ۾ پل جو ڪم ڪندا.