هٿرادو ڏاهپ ۽ سپر ڪمپيوٽر وسيلي حاڪميت جي جنگ … ممتاز بخاري

                 دنيا ۾ هٿرادو ڏاهپ (ھ ڏ يعني اي آءِ) جي وڏي ھاڪ آهي، خاص ڪري نون ماڊلس ٺاهڻ ۾ آمريڪا ۽ چائنا ۾ مقابلي جهڙي صورتحال آهي. ان ڪري مختلف ماڊلس جا چؤٻول هلي رهيا آهن. آمريڪا جي هڪ ڪمپني هڪ انتهائي طاقتور هٿرادو ڏاهپ جو نئون ماڊل ميٿوس اي آءِ (MYTHOS AI) آندو ۽ اهو انتهائي گهٽ تعداد ۾ ڪجهه ڪمپنين کي ظاهر نه ڪرڻ وارن شرطن (non-disclosure agreements) تي تجرباتي طور ڏنو ويو، جن ۾ ٽيڪنالاجي ۽ مالياتي ڪمپنيون به شامل آهن. اها هڪ ٽيسٽنگ پڻ هئي. ان ۾ ڪي اهڙا ٽول به آهن، جيڪي سائبر سيڪيورٽيءَ سان واسطو رکن ٿا. ميڊيا رپورٽن موجب اهو ڪجهه ڪمپنين کان اوچتو ان ڪري واپس ورتو ويو آهي، جو تمام گهڻا سيڪيورٽيءَ جا مسئلا سامهون اچڻ جا اشارا اچڻ لڳا. ان کي عام واهپي لاءِ به سامهون ناهي آندو ويو. اينٿروپڪ آمريڪا جي اهڙي ٽيڪ ڪمپني آهي، جنهن جو چيٽ ڪلاڊ (Claude) ماڊل انتهائي گهڻو طاقتور سمجهيو ويندو آهي، جيڪو ماڻهن جيان ڳالهائيندو آهي ۽ لک پڙهه ڪندو آهي. ڪوڊنگ به ڪندو آهي. هن جي طاقتور سپر ڪمپيوٽر تي تربيت ڪئي وئي آهي، جيڪا ٻين چيٽ ماڊلس جي به ڪيئي ويندي آهي.

حقيقت اها آهي ته هن وقت دنيا ۾ سياسي طاقت جو  هڪ محور هٿرادو ڏاهپ به بڻجي ويئي آهي. جيئن هڪ دؤر ۾ فيلسوفن جي ڏاهپ ڪنهن قوم جي طاقت جي نشانين مان اهم سمجهي ويندي هئي. ھ ڏ هڪ طرح جو سافٽ برين آهي، جيڪو هٿرادو ڏاهپ سان دنيا تي غلبو آڻڻ لاءِ هڪ پروگرامن جو دماغ جهڙو سرشتو جوڙي رهيو آهي، اهو ڪمپيوٽر مشين (ڪهڙي به صورت ۾) تي هلي ٿو ته ٻي پاسي هڪ ٺوس مشين آهي، جيڪا ايدوانس صورت ۾ سپر ڪمپيوٽر طور سامهون اچي رهي آهي. هي هڪ اهڙي مشين آهي، جيڪا سوين ڏينهن جو ڪم سيڪنڊن ۾ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سپر ڪمپيوٽر دنيا جي انتهائي طاقتور مشين سمجهي وڃي ٿي، جيڪا هر ڪم انتهائي تيزيءَ سان سرانجام ڏيندي آهي. ھ ڏ ۽ سپر ڪمپيوٽر گڏجي ڪنهن به ملڪ کي ٽيڪنالاجي ۾ سپر پاور بڻائي سگهن ٿا. ايندڙ وقت ۾ ٿي سگهي ٿو ھ ڏ ئي سپر ڪمپيوٽر جي جوڙجڪ ڪري. هن وقت ڪمپيوٽرس يا اهڙي طرح جي مشينن لاءِ چپس (Chips) ٺاهڻ ۾ سهڪاري آهي. سپر ڪمپيوٽر ھ ڏ کان مدد وٺڻ لڳو آهي. ڇو ته ھ ڏ کي انسان تمام گهڻي ڊيٽا ڏيئي رهيو آهي. دنيا ۾ هاڻي رڳو ڪي ماڊلز آڻڻ جو مقابلو ناهي پر اهڙو ماڊل آڻڻ جو مقابلو آهي، جيڪو ٽيڪنالاجي واري دنيا ۾ نئون ۽ مالياتي فائدا ڏياري.

جڏهن 7 اپريل 2026ع تي ميٿوس آندو ويو ته يقينن ان پٺيان اهو فلسفياڻو دڳ هو، جنهن موجب ميٿوس ڪو تخيل رهيو آهي ۽ ڪا اهڙي ڪهاڻي جيڪا حقيقت جي دنيا ۾ غير حقيقي لڳي پر ان کي حقيقي به مڃيو وڃي. سو ميٿوس ماڊل جنهن تصور تي ٺاهيو ويو، ان جي پٺيان اصل سوچ طاقت حاصل ڪرڻ ئي آهي. طاقت جيڪا اڄ جي دؤر ۾ ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻ جو حصو آهي. هن وقت چيٽ ماڊلس جي ان مقابلي واري ڊوڙ ۾ خطرا به وڌي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ميٿوس ماڊل کي عام ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. ڇو ته ان ۾ ڪي فيچر اهڙا آهن، جيڪي سائبر حملن جي ذمري ۾ اچن ٿا. ان ڪري ان کي سائبر سيڪيورٽي جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ٿو. اهو هڪ اي آءِ هٿيار طور به ڪتب اچي سگهي ٿو. ڇو ته ويجهڙ ۾ ايران مٿان ٿيل حملن ۾ ھدفن تي حملن لاءِ اي آءِ کي به وڏي پيماني تي ڪتب آندو ويو. ميٿوس ماڊل ۾ ڊي ڪوڊنگ جي به صلاحيت آهي ته اهو نظرداريءَ surveillance ۾ به انتهائي تيز سمجهيو وڃي ٿو. ان کي هيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪتب آندو نه وڃي، ڇو ته ان ۾ ڊي ڪوڊنگ ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. ان جو ڪوڊ اينالائسز انجڻ اهڙو آهي، جيڪو سافٽويئرس جون اوڻايون به ڳولهي سگهي ٿو. دفاعي مقصدن توڙي حملن لاءِ به ڪتب آڻي سگهجي ٿو. هن جي اها ٻه طرفي مهارت ايندڙ وقت ۾ ان جي اهميت کي طئي ڪندي. ڪجهه ڪمپنين پاران هن ماڊل وسيلي مشڪوڪ سرگرمين سبب اينٿروپڪ پاران ان جي رسائي انهن ڪمپنين کان واپس ورتي ويئي آهي. ميٿوس بعد هاڻ دنيا ۾ ھ ڏ لاءِ ريگيوليشن نطام جي ڳالهه زور وٺي ويئي آهي ۽ ان لاءِ چين پاران شنگھائي ۾ ادارو کوليو ويو آهي ۽ ان جو زور آهي ته دنيا کي ڪنهن وڏي خطري ۾ وجهڻ کان بچائڻ لاءِ ان جي شنگهائي ۾ ريگيوليشن ڪئي وڃي. ان حوالي سان آمريڪا جي ڪوشش آهي ته اهو ھ ڏ تي ضابطو رکي، ڇو ته اها هاڻ جنگي حڪمت عملي، آن لائين انفرا اسٽرڪچر، جيوپوليٽڪس ۽ مالياتي معاملن ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ لڳي آهي.

هاڻي ان ڳالهه تي ان ڪري زور وڌي ويو آهي ته ميٿوس پنهنجي نظام وسيلي هن وقت جي وڏن آپريٽنگ سسٽمز ۽ ويب برائوزرس جون ڪجهه اهم خاميون به ڳولي ڪڍيون. اهڙي صورت ۾ ڪيترائي ٽاسڪ سرانجام ڏيئي سگهي ٿو. ان حوالي سان اي آءِ سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ  يو ڪي جي رپورٽ آئي آهي ته هي ماڊل ستر سيڪڙي کان مٿي هيڪنگ ٽاسڪن ۾ سوڀارو ٿيو آهي. هي ماڊل جاري ٿيڻ کانپوءِ ترت ئي هڪ خانگي آن لائن فورم جي ڪجهه ماڻهن جي هٿ اچي ويو، جن ان کي ڪتب آندو. ان ڪري ان جي رسائي وڌيڪ محدود ڪئي وئي آهي. ڇو ته ميٿوس جو وڏو مسئلو اهو آهي ته هي انتهائي سگهاري سائبر هٿيار طور ڪتب اچي سگهي ٿو.

سپر ڪمپيوٽر:

مٿي ذڪر ٿيو ته سپر ڪمپيوٽر عام ڪمپيوٽرن جي ڀيٽ ۾ گهڻو طاقتور هوندو آهي. هن جي رفتار عام ڪمپيوٽر جي ڀيٽ ۾ حسابن ڪرڻ جي حوالي سان ڪروڙين ڀيرا وڌيڪ تيز ٿيندي آهي. ڪمپيوٽرن جي دنيا جا منجهيل ۽ ڳتيل مسئلا حل ڪرڻ ئي سپر ڪمپيوٽر ٺاهڻ جو سبب بڻيو آهي. هن وقت دنيا ۾ آمريڪا جو ٺهيل سپر ڪمپيوٽر جو ماڊل Frontier (ORNL) تيز ترين آهي. آمريڪا کان اڳ جاپان – جيڪو دنيا ۾ ٽيڪنالاجي واري ڊوڙ جي مُک ملڪن مان آهي، ان جو سپر ڪمپيوٽر Fugaku سگهارو هو، پر هاڻ آمريڪا جا ماڊل وڌيڪ تيز آهن. آمريڪا بعد سپر ڪمپيوٽر ۾ يورپ جا ملڪ به ڪوششن ۾ رڌل آهن ۽ يورپي يونين فن لينڊ ۾ لومي LUMI نالي سان طاقتور سسٽم ٺاهيو آهي. ايشيا ۾ جاپان بعد هاڻي چين جا طاقتور سپر ڪمپيوٽر سسٽم سامهون اچي رهيا آهن جيئن Sunway TaihuLight ۽ ٻيا آهن. پر چين اهڙا سسٽم به جوڙي پيو، جن کي هن ظاهر ناهي ڪيو، ڇو ته ايندڙ وقت ۾ ٽيڪنالاجي ۾ سپر پاور ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه لڪائڻ به ضروري سمجهيو ويندو آهي. سپر ڪمپيوٽر موسمن جي اڳڪٿين جا ماڊل ٺاهڻ ۾ تيز ترين آهن. ڪائنات جي ايٽمن ۽ بليڪ هولز توڙي سيارن بابت جيڪا سائنسي تحقيق ٿي پئي، ان ۾ جنهن ملڪ وٽ سپر ڪمپيوٽر آهي، ان جو ڪم وڌيڪ مڃتا لائق سمجهيو ويندو آهي. طب جي سهولتن بابت به هي وڏو مددگار آهي. ڇو ته هن اندر هڪ وڏي دماغ جيان نيٽ ورڪ جوڙيو ويندو آهي. ايئن سمجهجي ته هڪ عام سپر ڪمپيوٽر اندر هزارين عام ڪمپيوٽر گڏجي هڪ ٿي ويندا آهن. دنيا ۾ تيز تر صلاحيت واري ڪمپيوٽر حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ چائنا ۽ آمريڪا اڳرا آهن ۽ يورپ جا ملڪ يورپي يونين وسيلي گڏجي اهڙا پروگرام تيار ڪن پيا يا ڪيا اٿن. خاص ڪري ملڪن جون ڪمپنيون ان ڪم ۾ رڌل آهن. چين اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو اولهه جي ٽيڪنالاجي کان آجي پنهنجي ٽيڪنالاجي جوڙڻ ۾ مصروف آهي، ان ڪري ٽيڪنالاجي _ جيو پالٽڪس به سامهون اچي رهي آهي. ايشيا ۾ پاڪستان ۾ ته رڳو ڳالهيون آهن پر ڀارت ”پارام“ پروگرام وسيلي سپر ڪمپيوٽر ۾ اڳڀرائي ڪري رهيو آهي پر ان کي ٻين جي ڀيٽ ۾ پهچڻ ۾ وڏو وقت گهرجي. ها پر ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪي ٻيا ملڪ به اڳتي اچن پيا. هر ڪنهن جي ڪوشش آهي ته اهڙو سپر ڪمپيوٽر هجي، جيڪو رڳو تيز رفتاري ئي نه پر ان جي ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻي ۽ بجليءَ جي بچت جو نظام جوڙي سگهجي، چپون تيار ڪرڻ ۽ ھ ڏ جا وڌ کان وڌ ماڊل آڻڻ به شامل آهي. ٽيڪنالاجي ۾ حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ سپر ڪمپيوٽر جو وڏو هٿ هوندو. ان ڪري ننڍا ملڪ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ ٽيڪنالاجي جي حاصلات واري ڪم ۾ وڌيڪ رڌل آهن.