هٿونگو: حيدرآباد واسي کدڙي سان 5جوابدارن جي اجتماعي بدفعلي

هٿونگو: حيدرآباد واسي کدڙي سان 5جوابدارن جي اجتماعي بدفعلي

کپرو (ن پ ا) هٿونگو ۾ حيدرآباد واسي کدڙي سان اجتماعي بدفعلي، 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، ان ڏس ۾ حيدرآباد واسي خواجه سرا صائمه راجپوت چيو ته گذريل ڏينهن ميرپورخاص کان کپري لاءِ بس ۾ چڙھيس، بس ھٿونگي پھچڻ تي بس ڊرائيور سڪندر رات جو بس ۾ ئي سمھڻ لاءِ جاءَ ڏني، رات جو دير سان بس ڊرائيور سڪندر علي، ڌڻي بخش ڀيو، بادو بروھي، ھوٽل مالڪ خميسو مڱريو ۽ ھڪ نامعلوم بدفعلي ڪئي، جن  خلاف کپرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، پوليس 2 جوابدرن کي گرفتار ڪري ورتو.