هٿونگو: ڀت ڊهڻ سبب 2 معصوم ڀائر دٻجي فوت: ڪهرام

هٿونگو: ڀت ڊهڻ سبب 2 معصوم ڀائر دٻجي فوت: ڪهرام

کپرو (ن پ ا)  هٿونگي ۾ ڀت ڊهڻ سبب 2 معصوم ڀائر دٻجي فوت: ڪهرام ، ان ڏس ۾ هٿونگي جي ميگهواڙ پاڙي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 2 ڀائر 5  ورهين جو گڻيش ۽ ڏيڍ سال جو پانچو ولد بادل ميگهواڙ  دٻجي فوت ٿي ويا، وارثن موجب ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا، اوچتو  مٿن گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن سبب  ٻارڙا دٻجي ويا، واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو