هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ رهتن لاءِ 15 ارب کان وڌيڪ جي گرانٽ منظور
جُون 28, 2025
اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)قتصادي رابطا ڪميٽي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ ٻين رهتن جي مد 15.83 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معيشت، توانائي ۽ خوراڪ جي تحفظ سان لاڳاپيل ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.
اي سي سي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز لاءِ دفاع واري وزارت جي 15.83 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڪري ورتي آهي.
اي سي سي موجب منظور ٿيل گرانٽ تازو پاڪ-ڀارت جنگ جي شهيدن لاءِ وزيراعظم جي پيڪيج تحت رهتن جي ادائيگي لاءِ جاري ڪئي ويندي.
اقتصادي رابطا ڪميٽي کنڊ جي درآمد جي منظوري ڏني. اي سي سي ننڍن هارين ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن لاءِ رسڪو ڪور اسڪيم شروع ڪرڻ جي تجويز کي به منظور ڪري ورتو آهي.