شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي: پوليس پاران ڪرائيم سين رپورٽ تيار: سنڌ سراپا احتجاج: مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا

آگسٽ 15, 2023

سکر/ڪراچي(رپورٽرن وٽان) شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، جڏهن ته سکر پوليس پاران ڪرائيم سين رپورٽ تيار ڪئي وئي

 ذريعن موجب پوليس مختلف جاين جا سي سي ٽي ويز فٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته  جان محمد ڦوارا چوڪ کان گهر طرف گاڏي موڙي ته هڪ هٿياربند سندس ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، اڳيان ڪار بيٺل هجڻ سبب جان محمد جي ڪار اسپيڊ سان اڳتي نه وڌي سگهي

 سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ هٿياربند فائرنگ بعد موٽرسائيڪل تي سوار  ٿيندي نظر آيا، واقعي واري جاءِ ڀرسان شڪي موٽر سائيڪلون به نظر آيون

پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته جان محمد مهر کي 4 گوليون لڳيون، هڪ گولي جان محمد کي اک ۾ لڳي پٺيان نڪري وئي، ٻي گولي نڙيءَ ۾ لڳي پٺيان نڪري وئي، ٻئي گوليون شهيد جان محمد مهر جي موت جو ڪارڻ بڻيون

ٻئي طرف شهيد ٿيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي چڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، رات شهيد جان محمد مهر جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو

 سينيئر صحافيءَ جي پهرين جنازي نماز رات دير ساڍي 3 وڳي سکر جي مڪي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، سکر ۾ جنازي نماز بعد مڙهه چڪ پهچايو ويو، چڪ ۾ ٻيهر جنازي نماز بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

 سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل صحافين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي، جان محمد جي قتل واقعي خلاف صحافي برادري برادري سراپا احتجاج آهي

ٻئي طرف شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي برداري توڙي سياسي تنظيمون ۽ سول سوسائٽي سراپا احتجاج بڻيل آهي، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا پيا وڃن

سکر ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ بار پاران وڪيلن احتجاج ڪيو جڏهن ته صحافين پاران پڻ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، خيرپور، نوشهرو فيروز، دادو، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ صحافي برادري پاران احتجاجي ريليون ڪڍي قاتلن جي فوري طور گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو

ڪشمور، ڀريا روڊ، هالا، شهدادڪوٽ، پيرو مل، ڪنري، اڪري چودڳي ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا جن ۾ صحافين سان گڏ سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن به شريڪ ٿيا

مٺياڻي، اڏيرو لال، قادرپور، ڳڙهي حسن، نصيرآباد، تلهار ۽ ٻين شهرن ۾ به صحافي رستن تي نڪري آيا، پٿورو، مانجهند ۽ ٻين شهرن ۾ به صحافين پاران  احتجاج ڪيو ويو

۽  جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment