| هٿيارن ۽ بارود جي کوٽ: آمريڪا جو جنگي ڪمپني سان معاهدو |
واشنگٽن (م ڊ) پينٽاگون اعلان ڪيو آهي ته هن دفاعي ڪمپنين – بي اي اي، لاڪ هيڊ ۽ هني ويل سان جنگي سامان ۽ بارود جي جنگي بنيادن تي فراهمي جو معاهدو ڪري ورتو آهي. پينٽاگون چيو ته معاهدن تحت هني ويل ايرو اسپيس آمريڪا جي گولا بارود جي ذخيري لاءِ پيداوار کي وڌائيندو جنهن لاءِ 500 ملين ڊالر سيڙپڪاري ڪئي ويندي. بي اي اي سسٽم ۽ لاڪ هيڊ مارٽن ٽرمينل هاءِ الٽيٽيوڊ ايريا ڊفينس (THAAD) انٽرسيپٽر لاءِ ريڊار ۽ بارود کي چئوڻ تي وڌائيندو. جنهن سان پريسيشن اسٽرائڪ ميزائل جي پيداوار کي تيز ڪيو ويندو.