هٿيار اسمگلنگ معاملو: بابل ڀيو جو پٽ جوابدارن سان رابطي ۾ هو: جي آءِ ٽي رپورٽ
مَي 30, 2024
سکر (بيورو رپورٽ) جيڪب آباد ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ وارو معاملو، جي آءِ ٽي ٽيم رپورٽ آءِ جي سنڌ کي اماڻي ڇڏي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وڏي وزير جي صلاحڪار بابل ڀيو جو پٽ گرفتار جوابدارن سان رابطي ۾ هيو، الطاف ڀيو گرفتار اسمگلرز لاشاري ۽ پروٽوڪول انچارج سان رابطي ۾ هيو، رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هٿيار بلوچستان مان خريد ڪيا ويا، جن جي 4 لک روپين ۾ ڊيل ڪئي وئي، محبوب ڀيو اسمگلرز کي 4 لک روپيا فراهم ڪيا، هٿيارن جي لاءِ پروٽوڪول جي پوليس موبائيل اسمگلرز جي ڊمانڊ تي ڏني وئي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته اسمگلرز جي گرفتاري وقت صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو ڪراچي ۾ موجود هو