سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار اُن ناسور بڻيل زخم جيان ٿي ويا آهن، جيڪو علاج، دوائن ذريعي ختم ٿيڻ بجاءِ جسم جي اُن حصي جي ڪٽجڻ سان ئي ممڪن آهي. اِن باوجود اُن زخم جو علاج دوائن ذريعي ڪرڻ پنهنجي پاڻ کي تسلي ڏيڻ برابر آهي. ڪجهه ائين ئي هلندڙ قبيلائي خوني تڪرارن جي خاتمي لاءِ به ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ آئين، قانون، عدالتون موجود آهن. دؤر تبديلي ٿي ويو آهي پر حڪومتي سرپرستي هيٺ مضبوط ٿيل وڏيرڪي، جاگيرداراڻي، ڀوتارڪي سوچ تبديل ناهي ٿي سگهي. هن جديد دؤر ۾ به اوائلي دؤر جيان سردارن ۽ وڏيرن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي. جنهن جو مطلب يا ته اهو وٺي سگهجي ٿو ته رياست پنهنجي رِٽ بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي، جو آئين تحت قائم ٿيندڙ عدالتن بدران نجي عدالتون لڳائي قتل عام جهڙن سنگين ڏوھن جا فيصلا ڪيا پيا وڃن. ملڪ توڙي سنڌ جي شعور آڏو هي ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته سزا ۽ جزا وارو نظام عدالتن ۾ طئي ٿيندو يا سردارن، ڀوتارن جي اوطاق، بيٺڪن، سرڪاري جاين تي طئي ٿيندو. ته جئين ماڻهو هڪڙي طرف رخ ڪن. ڪنهن به شهر، علائقي يا ڳوٺ ۾ جيڪڏهن ڪو قتل ٿئي ٿو، اُن جا قاتل گرفتار ڪري اُنهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ رياست ۽ رياست ادارن جي ذميواري هوندي آهي. پر جڏهن لاڳاپيل ادارا متاثر ڌر کي انصاف ڏيڻ ۾ دير ڪن ٿا يا انصاف جي اميد نظر ناهي ايندي، تڏهن اُنهن جي اندر ۾ بدلي جي باهه پئدا ٿيندي آهي، جنهن سان ٻن ڌرين ۾ نفرتون ۽ خوني ويڙهه پئدا ٿي ويندي آهي، جيڪا هڪ چِڻنگ مان وڌي ڀڙڪي باهه ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن پهرين قتل، ڏوهه، واردات يا ناانصافيءَ وقت رياست پنهنجي رِٽ بحال رکندي جوڳا قدم کڻي، انصاف کي يقيني بڻائي ته پلاند ۾ قتل يا ٻيو ڏوهه ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ رياست مڪمل طور تي ڪمزور، لاچار، بيوس بڻيل آهي. جنهن جو مثال جرڳن واري نظام کي هٿي ڏيڻ، وڏيرڪي، ڀوتارڪي، جاگيرداراڻي سوچ کي مضبوط ڪرڻ آهي. جنهن ڪري رياست توڙي پوليس جو بااثر ماڻهن ۽ خوني تڪرارن ۾ ملوث ڌرين ۾ خوف ئي ختم ٿي ويو آهي. افسوس آهي جو عوام سان اڻ ڳڻيا واعدا ڪري اقتدار ۾ ايندڙ حڪمران، امن امان جي صورتحال بحال رکڻ، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قائم پوليس قانون هٿ ۾ کڻندڙ، بدامني ڦهلائيندڙ، بيگناهه انساني جانيون ضايع ڪندڙن کي سزا ڏيڻ بدران اُنهن برادريءَ جي وڏيرن ذريعي جرڳا ڪرائڻ کي پنهنجي ڪاميابي پيا سمجهن. اهڙي ئي سوچ سبب سنڌ هن وقت قبيلائي تڪرارن جي ناسور ۾ جڪڙيل آهي، هزارين معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، مائرن جون جهوليون خالي، نوجوان نياڻيون توڙي عورتون بيواهه، ٻار يتيم ۽ بي سهارا ٿي ويا آهن.
سنڌ ۾ ورهين کان حڪمراني ڪندڙ ۽ هن وقت وڏيرن، جاڳيردارن، ڀوتارن جي پارٽي سمجهي ويندڙ حڪمران ڌر سان تعلق رکندڙ ملڪ جي اعلي ترين عهدي تي مقرر صدر آصف علي زرداري ڪجهه عرصو اڳ سکر پهچي وفاقي گهرو وزير جي موجودگيءَ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ پارٽيءَ جي چونڊيل نمائندن توڙي اڳواڻن کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون. جنهن کانپوءِ پارٽي اڳواڻن توڙي حڪومتي مشينري قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاءِ سرگرم ٿي ويا. هدايتن کان هن وقت تائين به قبيلائي تڪرار جي آڙ ۾ گهوٽ توڙي بيگناهه ماڻهن جي قتل وارو سلسلو جاري آهي. جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، اُنهن مطابق ملڪ جي صدر جي هدايتن توڙي هن ڀيري پاڻ رياست به خوني تڪرارن جو حل ڪڍڻ لاءِ ڏنڊو کنيو. ٿيڻ ته ائين گھرجي ها جو اِن تڪرارن کي جِڙ کان ئي ختم ڪجي ھا پر اِهو شايد رياست جي وس کان ٻاهر آهي. تنهن ڪري جهيڙيندڙ ڌرين جي نيڪ مردن کي برادرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، عمل نه ڪندڙ ڌرين کي سرڪار پنهنجي طاقت به ڏيکاري چڪي آهي. نتيجي ۾ سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ هلندڙ مختلف خوني تڪرارن جو جرڳو سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ 21 اپريل تائين سکر سرڪٽ هائوس ۾ رٿيو ويو، پهرين مرحلي ۾ 18 ۽ 19 اپريل تي گهوٽڪي ضلعي جي ستن برادرين شر، سيلرا، ڌونڌو، ڀٽو، ڪوش، تَڙَتَ، سولنگي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ جهيڙيندڙ ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. جنهن کان پوءِ اِها ڳالهه سامهون آئي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ ستن برادرين جي خوني ويڙهه ۾ مجموعي طور لڳ ڀڳ 106 ماڻهو قتل ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. شر برادري جا لڳ ڀڳ 40 ماڻهو قتل ۽ 35 کان وڌيڪ، سيلرا برادري جا 22 قتل ۽ 31 زخمي، ڪوش برادري جا 10 قتل ۽ 25 زخمي، ڌونڌو برادري جا 10 ماڻهو قتل ۽ 10 زخمي، ڀٽو برادري جا 12 قتل ۽ 12 زخمي، سولنگي برادري جا 6 قتل ۽ 3 زخمي، تڙٿ برادري جا به 6 ماڻهو قتل ۽ 2 زخمي ٿيا آهن. ڄاڻايل خوني تڪرارن جي جرڳي جي سرپئنچي سردار علي گوهر خان مهر ڪئي. جڏهن ته امير بخش خان ڀٽو، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، سردار عابد جتوئي، سردار حاڪم خان نوحاڻي، شهريار خان شر، احمد خان سيلرو، گل محمد جکراڻي، چنگيز خان پنهور، ڪريم ڏنو بڊاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تازي خبر اھا آھي ته گهوٽڪي ضلعي اندر ستن برارين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو. سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ ٻن ڏينهن تائين سکر سرڪٽ هائوس ۾ جرڳو جاري رهيو. شر، سيلرا، ڌونڌو، ڀٽو، ڪوش، تڙت، سولنگي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو. سردار علي گوهر خان مهر موجب، جيڪڏهن سڀاڻي (اڄ) مھر جتوئي تڪرار جي نبيري جو شيڊيول نه هجي ها ته اڳ ۾ ئي رڪارڊ ڪيل بيانن جي بنياد تي فتويٰ کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي ھا، پر اهم فيصلي جي ضرورت سبب فتويٰ کي عارضي طور ملتوي ڪيو ويو آهي۔ اڄ ۽ سڀاڻي سکر، شڪارپور ۾ هلندڙ مهر – جتوئي خوني تڪرار جو جرڳو به سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ سرڪٽ هائوس ۾ ٿيندو. ٻڌايو پيو وڃي ته مهر – جتوئي خوني تڪرار ۾ 23 جتوئي، 30 مهر جهيڙيندڙ ڌرين جا قتل ٿي چڪا آهن. ڪڏهن ته ٽي بيگناهه واٽهڙو به خوني تڪرار جي ور چڙي ويا آهن.
گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ ستن برادرين جي خوني ويڙهه واري جرڳي ۾ بدنام ۽ انعام رکيل ڌاڙيلن کي ويگو گاڏين ۾ وي آءِ پي پوليس پروٽوڪول ۾ آندو ويو. جنهن دوران جهڙي ريت بدنام ڏوهاري ثناءٌ الله عرف ثنو شر، راحب شر ۽ ٻيا ماڻهو پنهنجي برادري جي ماڻهن کي سلام جو هٿ مٿي ڪري، هٿ ٻڌي يا ڀاڪر ڀائي جواب ڏئي رهيا هئا، اِن مان ڪنهن کي به نه پئي لڳو ته هي ڪي وڏا ڏوهاري، ڌاڙيل آهن. ڇو جو ويگو فُل ايئرڪنڊيشن گاڏين مان ثناءٌ الله شر ۽ راحب شر اڳيان واري سيٽ تان لٿا، باقي پٺيان واري سيٽ تي ويٺل هئا. اُنهن جي ويس مان به نه پئي لڳو ته پوليس جي گرفت ۾ آهن. ڇو جو پوليس جي گرفت ۾ هجڻ وارن جا اهڙا ٺٺ ناهن هوندا. پر ڄاڻايل ڏوهاري ويگو گاڏين مان لهڻ وقت نوان ڪپڙا، ڳچيءَ جا سمورا بٽڻ کليل، نِرڙن تي ٽوپي ۽ هٿ مٿي ڪري توڙي هٿ ٻڌي وڏي فخر ۽ ڪاميابيءَ واري انداز ۾ جواب ڏئي رهيا هئا. پڙهندڙن کي ٻڌائيندا هليون ته پوليس وٽ گرفتاري پيش ڪندڙ ڌاڙيل ثناءٌ الله عرف ثنو شر مٿان هڪ ڪروڙ روپين جو انعام رکيل آهي، جنهن مٿان ڪيترن ئي سنگين نوعيت جي ڏوھن قتل، ڀنگ لاءِ اغوا سميت ٻيا ڪيسن داخل آهن. ڌاڙيل راحب شر مٿان سنڌ ۾ 50 لک ۽ پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ روپيا انعام آهي، پوليس رڪارڊ موجب 2010ع کان 2026ع تائين لڳ ڀڳ 78 کان وڌيڪ ڪيس، جن ۾ قتل، ڀنگ خاطر اغوا، پوليس تي حملا ۽ دهشتگردي جا الزام شامل آهن۔ ظھور شر عرف ڪمانڊو تي 2011ع کان 2026ع تائين 60 کان وڌيڪ ڪيس، جن ۾ قتل، اغوا، پوليس مقابلا ۽ سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪارروايون شامل آهن۔ اهڙي صورتحال ڏسي حڪومت سنڌ ۽ رياست پاڪستان کان معصوماڻو سوال آهي ته ”هٿيار ڌاڙيلن ڦٽا ڪيا آهن يا سنڌ حڪومت؟“ جن جن ڏوهارين گرفتاري پيش ڪئي آهي، اُهي مهمان جيان رکيا ويا آهن، جڏهن ته ڪنهن معمولي ڳالهه يا شئي جي چوريءَ تي به پوليس گرفتار ٿيندڙ مٿان ٿرڊ ڪلاس ٽارچر ڪندي آهي. پر هِتي بيگناهه ماڻهن کي اغوا ڪندڙ، ڀنگ نه ڏيندڙن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري وڊيو جاري ڪندڙ، دهشت، خوف ڦهلائيندڙ، زنا زيادتيون ڪندڙن کي پرسڪون ماحول ۾ رکيو ويو آهي، جن جي ٺٺ ۽ صوفن، ڪرسين تي ويهي، سنگت ساٿ، مٽن مائٽن سان ڪچهريون ڪرڻ واريون ٺاهيل وڊيوز سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي چڪيون آهن. ايتري حد تائين اهي ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ آيون ته عيد وارن ڏهاڙن ۾ اُنهن کي مارڪيٽ آڻي خريداري به ڪرائي وئي. هٿيار ڦٽا ڪري پوليس کي گرفتار پيش ڪندڙ ڪيترائي ڏوهاري اهڙا به آهن، جن پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي به شهيد ڪيو پر ساڳي پوليس اُنهن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ مصروف آهي. هِتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري چوڻ جيان نظام هلي رهيو آهي. غريب تان رياست توڙي رياستي ادارن جي ڪاوڙ لهندي ناهي ۽ اثر رسوخ واري تي ڪاوڙ چڙھندي ناهي. ڏسجي ته عدالتون اِن عمل ۾ خاموشي اختيار ڪن ٿيون يا ڪو نوٽيس وغيره به ورتو وڃي ٿو. تازي آئيني ترميم کانپوءِ ته ٻڌون ٿا نوٽيس وارو اختيار به واپس ورتو ويو آهي ۽ عدليه جي ساک تي به وڏا سوال اُٿاريا ويا آهن. خير جرڳا اڳ به ٿيندا رهيا آهن، وري اُنهن جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻيهر خوني تڪرار به شروع ٿي ويندا آهن. جرڳن ذريعي ڀوتارڪي، وڏيرڪي، جاگيرداراڻي ذهنيت کي مضبوط ته ڪيو پيو وڃي پر نتيجا ڇا نڪرندا، اِهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو.