هٿيار ڦٽا نه ڪندڙ ڏوهاري ماريا ويندا: ضياءَ لنجار 

هٿيار ڦٽا نه ڪندڙ ڏوهاري ماريا ويندا: ضياءَ لنجار 

رائونتي (ن پ ا) رائونتي ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران بچاءُ بند  اسد شاھ دم دمي وٽ قائم  پوليس پڪٽ  پهتا، جتي صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ رينجرس جي سيڪٽر سيد نديم عباس شاھ پاران  رائونتي جي ڪچي اندر 20 ڏينهن کان وفاقي انٽيلجنس اينجسي جي مدد سان ڏوهارين خلاف هلندڙ نجات مهراڻ آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن بعد گهرو صوبائي وزير پاران ڪچي واري علائقي جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي گهرو وزير ضياءَ لنجار ڳالهائيندي چيو ته رائونتي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ آپريشن دوران پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آهي،آپريشن دوران 28 ڏوهاري  مارجي ويا آهن، جڏهن ته 81 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي،  آپريشن دوران 151 ننڍا وڏا ڏوهاري پاڻمرادو پيش پيا آهن، جڏھن 80 سيڪڙو ڪچو خالي ٿي چڪو آهي، بدنام ڏوهاري ثناءُﷲ عرف ثنو ۽ راحب شر خلاف پوليس جو آپريشن جاري آهي، هي  پنجاب جي حد آهي جتي کنڀڙا ون ڪئمپ قائم ڪئي وئي ڪچو ڪڏهن نوگوايريا بڻيل هيو اتي اسان جي فورسز پنهنجي ڪئمپس قائم ڪيون ويون آهن، هن ڪئمپ کان هڪ ڪلو ميٽر بدنام ڌاڙيل راهب جو محفوظ ٺڪاڻو بڻيل آهي راهب شر ۽ ثنو شر حڪومت جي پاليسي تي عمل ڪري سرينڊر نه ٿيا ته اسان جي جوانن جي هٿان ماريا ويندا، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪي مقامي ماڻهن جو زمينون آهن جيڪي ڌاڙيلن جي ظالمن کان تنگ ٿي ڪري پنهنجون زمينون ڇڏي ويا آهن اهي اتي اچي رهن ۽ پنهنجو زمينون آباد ڪن، کين سيڪيورٽي ڏني ويندي، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ڪچي جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏيون روڊ رستا ۽ کين اسڪول ۽ صحت جون سهولتون ڏيون. گهرو وزير چيو ته سردارن کي به چيو آهي ته برادري جھيڙا ختم ڪرائي فيصلا ڪن،