هٿيار ڪراچي نيڻ جي ڪوشش: پنوعاقل ۾ 2 جوابدار گرفتار

هٿيار ڪراچي نيڻ جي ڪوشش: پنوعاقل ۾ 2 جوابدار گرفتار

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي سٽي پوليس پاران موٽروي پوليس سان گڏجي موٽروي تي ڪاروائي، ھٿيارن جي وڏي کيپ جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ، پوليس موجب ڪارروائي دوران 14 ڪلاشنڪوف، 23 پسٽل ھڪ شارٽ گن 15 ھزار کان وڌيڪ گوليون ميگزين ھٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته پشاور کان ڪراچي ويندڙ ڪار مان هٿيار هٿ ڪري ورتا، گرفتار  ٿيلن ۾ اسلام آباد واسي حمزہ پٺاڻ ۽ ڪراچي واسي عبيدالله پٺاڻ شامل آهن.